اسلام آباد – 10 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان صحت ڪارڊ جي فراهمي کي موجوده حڪومت جو انتهائي اهم قدم قرار ڏيندي چيو آهي ته يونيورسل هيلٿ ڪوريج موجوده حڪومت جي ويزن جو اهم جز آهي، ان منصوبي تي عملدرآمد کي موثر بڻائڻ جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي خصوصي سيل جوڙيو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب ۾ صحت ڪارڊ جي فراهيم با??ت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان ۽ ڊاڪٽر شهباز گل، پنجاب جي صحت ??ار?? وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد، خيبرپختونخواهه جي صحت/ ناڻي ??ار?? وزير تيمور سليم جهڳڙا ۽ بين سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته پنجاب جي سمورن 36 ضلعن ۾ اتڪل 4 ڪر??ڙ صحت ڪارڊ ورهائڻ جو عمل 31 ڊسمبر کان شروع ڪر?? مارچ تائين مڪمل ڪيو ويندو، ان سهولت جي بهتر استعمال کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ وڏي پئماني تي عوامي آگاهي مهم پڻ شروع ڪئي ويندي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ان منصوبي کي موثر طور لاڳو ڪرڻ ک?? يقيني بڻائڻ جي لاءِ سمورن وسيلن کي استعمال ۾ آندو وڃي. وزيراعظم صحت ڪارڊ جي فراهمي کي موجوده حڪومت جو انتهائي اهم قرار ڏيندي چيو ته يونيورسل هيلٿ ڪوريج جي فراهمي موجوده حڪومت جي ويزن جو اهم جز آهي. هن چيو ته معاشري جي ڪمزور طبقن تائين صحت جون معياري سهولتون نه رڳو اسان جي ذمي??ار?? آهي پر اسان جي ترجيحن جو به واضح مظهر آهي. هن چيو ته صحت ڪارڊ قدم جي ڪر?? جتي معاشري جي ڪمزور طبقن کي صحت جون معياري سهولتون ملنديون اتي اسپتالن جي شعبي خاص طور تي نجي شعبي کي هٿي ملندي. وزيراعظم صحت ??ار?? وزيرن کي هدايت ڪئي ته مختلف اسپتالن ۾ صحت ڪارڊ ذريعي جتي هڪ جهڙي معياري سهولتن کي يقيني بڻايو وڃي اتي ان ڳالهه کي به يقيني بڻايو وڃي ته اسپتالن م ايندڙ ماڻهن خاص طور تي گهٽ تعليم يافته ماڻهن جي مناسب رهنمائي ڪئي وڃي. صحت ڪارڊ جي ذريعي معياري سروس کي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان وزيراعظم هدايت ڪئي ته سهولت مان فائدو کڻندڙن جي فيڊ بيڪ کي نظام جو مستقل حصو بڻايو وڃي ته جيئن ڪنهن به ڏکيائي کي وقت سر ختم ڪر?? سگهجي. وزيراعظم منصوبي تي عملدرآمد کي موثر بڻائڻ جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي خصوصي سيل جوڙڻ جي پڻ هدايت ڪئي.