اسلام آباد – 11 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان جي دوري تي آيل افغانستان جي عبوري حڪومت جي وقتي پرڏيهي وزير امير خان متقي ??ُون ??رڏيهي وزير مخدوم شاهه محم??د قريشي سان پرڏيهي وزارت ۾ وفدن جي سطح تي ڳالهيون ??يون. هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان، ناڻي واري صلاحڪار شوڪت ترين، واپار واري صلاحڪار رزاق دائود سميت پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، افغانستان جي لاءِ پاڪستان جو خصوصي نمائندو ايمبيسڊر محمد صادق، افغانستان ۾ پاڪستان جو سفير منصور احمد خان ۽ پرڏيهي وزارت جا سينيئر آفيسر پڻ مو??ود هئا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان مو??ب پرڏيهي وزير ان موقعي تي چيو ته پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جو خواهشمند اهي، پاڪستان ويجهو پاڙيسري هجڻ جي ناطي افغانستان ۾ گذريل 40 سالن کان جاري جنگ ۽ بدامني سبب سخت متاثر ٿيو آهي. شاهه محم??د قريشي چيو ته پاڪستان گذريل چار ڏهاڪن کان 30 لک افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪندو اچي رهيو آهي. هن چيو ته افغانستان کي معاشي ۽ انساني بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ پاڪستان مسلسل عالمي برادري کان فوري امداد ۽ مثبت ڪردار جي گهرج ڪندو آيو آهي، پاڪستان محدود وسيلن جي باوجود افغان ڀائرن جي انساني معاونت، دوائن ۽ خوراڪ جي فراهمي لاءِ ڪوششون ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. پرڏيهي وزير ان نازڪ موڙ تي افعانستان جي اندر ۽ ٻاهر امن مخالف عنصرن تي سخت نظر رکڻ جي تاڪيد ڪئي. پرڏيهي وزير افغان وفد ??ي ٽرائيڪا پلس اجلاس ۾ شريڪ روس، چين ۽ آمريڪي نمائندن خاص طور تي افغانستان سان ٿيندڙ ملاقات ۽ ڳالهه ٻولهه بابت آگاهه ڪيو ۽ چيو ته اسان جي خواهش آهي ته افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي ايندڙ اجلاس ۾ افغانستان جي عبوري حڪومت جي نمائندن کي پڻ گهرايو وڃي پرڏيهي وزير افغان وفد کي پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ واپاري رابطن، واپاري لنگهه ۾ فراهم ڪيل سهولت ۽ انساني معاونت جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. افغانستان جي عبوري حڪومت جي وقتي پرڏيهي وزير امير خان متقي ??فغانستان کي انساني بحران مان ڪڍڻ ۽ عالمي برادري جو ڌيان افغانستان جي خراب ٿيل اقتصادي صورتحال طرف ڇڪرائڻ تي پرڏيهي وزير شاهه محم??د قريشي ۽ پاڪستاني قيادت جا ٿورا مڃيا.