اسلام آباد – 15 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آه?? ته بيوقوفاڻيون ڪهاڻيون ۽ سازشي ٿيوريز ٺاهڻ بدران اهو ٻڌايو وڃي ته ايون فيلڊ اپارٽمينٽس جا پئسا ڪٿان آيا؟ مريم ن??از جي اربين رپين جي جائيداد سامهون اچي چڪي آه??، ان جو جواب ڏين. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته انصار عباسي جي هڪ حيرت انگيز اسٽوري نظر مان گذري جنهن ۾ گلگت جو هڪ جج صاحب فرمائي ٿو ته جڏهن هو ثاقب نثار صاحب وٽ چانهه پيئڻ ويٺو ته جج صاحب فون تي هاءِ ڪورٽ جي جج کي چيو ته ن??از شريف جي ضما??ت اليڪشن کان اڳ ناهي وٺڻي، ڪهڙا ڪهڙا لطيفا هن ملڪ ۾ ن??از شريف کي مظلوم ثابت ڪرائڻ جي مهم هلائي رهيا آه??. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اندازو لڳايو ته ڪنهن جج وٽ چانهه پيئڻ وڃو ۽ هو فون ملائي ويٺل آه?? ته توهان جي سامهون ئي اهڙيون هدايتون جاري ڪري ته ڪنهن جوابدار جي ضمانت وٺڻي آه?? يا ناهي وٺڻي، جوابدار به ڪو عام ماڻهو نه ملڪ جو وزيراعظم. هن چيو ته بيوقوفاڻيون ڪهاڻيون ۽ سازشي ٿيوريز ٺاهڻ بدران اهو ٻڌايو ته ن??از شريف جيڪي ايون فيلڊ اپارٽمينٽس خريد ڪيا ۽ جيڪي بعد ۾ مريم ن??از جي ملڪيت ۾ ڏنا وي??، انهن جا پئسا ڪٿان آيا؟ چوڌري فواد حسين چيو ته مريم ن??از اهو چيو ته منهنجي لنڊن ۾ ته ڇا پاڪستان ۾ به ڪا جائيداد نه آه??، هاڻي اربين رپين جي جائيداد سامهون اچي چڪي اهي، ان جو جواب ڏيو.