اسلام آباد – 22 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته يونيورسٽين خاص طور تي آءِ ??ي ۽ انجنيئرنگ جي شعبن ۾ داخلا جي شرح وڌائڻ لا??ِ ڪوششون تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن هنرمند گريجوئيٽس ج?? مارڪيٽ جي طلب کي پورو ڪري سگهجي، پاڪستان جي مقابلي ۾ علائقائي ملڪن جُون يونيورسٽيون وڏي تعداد ۾ گريجوئيٽس پيدا ڪري رهيون آهن ۽ اسان جي يونيورسٽين کي ملڪ ۾ بيچلرز ۽ ماسٽرز گريجوئيٽس جو تعداد وڌائڻ لا??ِ آن لا??ين ۽ فاصلاتي تعليم جي فروغ تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ وفاقي چارٽرڊ يونيورسٽين ۽ ڊگري ڏيندڙ ادارن جي وائيس چانسلرز ريڪٽرز جي اجلاس دوران ڪيو، فيڊرل اي??وڪ??شن ۽ پروفيشنل ٽريننگ واري وفاقي وزير شفقت محمود، هائير اي??وڪ??شن ڪميشن (ايڇ اي سي) جي ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر شائسته سهيل، مختلف يونيورسٽين جي وائيس چانسلرز ۽ ريڪٽرز اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس کي خطاب ڪندي صدر يونيورسٽين تي زور ڏنو ته هو پاڪستان ۾ روزگار جي شرح کي وڌائڻ لا??ِ اڪيڊمين ۽ انڊسٽري جي رابطن کي فروغ ڏئي پنهنجي شاگردن ک?? مارڪيٽ جي ضرورتن موجب هنر سان ليس ڪن، هن مناسب طريقي سان ڊزائين ڪيل آن لا??ين ڪورسز ۽ مواد جي پهچ ۽ تشخص جي بهتر طريقن جي ذريعي ورچوئل تعليم جي معيار کي بهتر بڻائڻ جي لا??ِ ٺوس ڪوششون ڪرڻ تي به زور ڏنو، وفاقي وزير شفقت محمود مهارت تي ٻڌل تعليم، فيڪلٽي جي ترقي، ۽ ليبز ۽ لاڳاپيل تعليمي سهولتن ۾ سيڙپڪاري ڪري معياري گريجوئيٽس تيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. اجلاس ۾ ايڇ اي سي جي آن لا??ن ۽ ڊسٽنس لرننگ پاليسي ۽ يونيورسٽين جي درجه بندي جي لا??ِ ان جي معيار تي خيالن جي مٽاسٽا کانسواءِ بي ايس ۽ ايم ايس گريجوئيٽس جو تعداد وڌائڻ ۾ مختلف تجويزن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، اجلاس ۾ هنرمند افرادي قوت ج?? مارڪيٽ جي طلب کي نظر ۾ رکندي مختلف شعبن ۾ ايسوسيئيٽ ڊگريون (2 سالا ڊگريون) متعارف ڪرائڻ ۽ پاڪستان ۾ اعليٰ تعليم جي معيار کي بهتر بڻائڻ جي امڪانن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، شرڪت ڪندڙن استادن جي ترقي، تحقيقي سهولتن ۽ استادن جي تربيت جي ضرورت تي زور ڏنو ته جيئن هو آن لا??ن تعليم فراهم ڪرڻ جي لا??ِ گهربل مهارتن سان ليس ٿي سگهن.