اسلام آباد – 02 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪس??ان ۽ مصر جي وچ ۾ پراڻا ڀائراڻا لاڳاپا قائم آهن، ٻنهي ملڪن جا ماڻهو ??ذه??ي، ثقافتي ۽ ڀائيچاري جي رشتن ۾ ڳنڍيل آهن، عالمي معاملن تي پاڪس??ان ۽ مصر جو هڪ جهڙو موقف رهيو آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ عظيم ثقافتي ورثي کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. اها ڳالهه هن ملاقات جي لاءِ آيل پاڪس??ان ۾ مصر جي سفير ڊاڪٽر طارق دردگ سان ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ ڊرامي، فلم، علائقائي ۽ عالمي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ پاڪس??ان ۽ مصر جي فلمن ۽ ڊرامن جو ترجمو ڪرڻ جي لاءِ ڊبنگ سينٽرز کولڻ تي پڻ اتفاق ٿيو ۽ افغانستان جي صورتحا?? ۽ ??زيراعظم عمران خان جي چين جي دوري جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته عالمي معاملن تي پاڪس??ان ۽ مصر جو هڪ جهڙو موقف رهيو آهي، افغانستان ۾ وڏو انساني الميو جنم وٺي رهيو آهي، ان صورتحال ۾ افغان ع??ام کي اڪيلو نه ٿو ڇڏي سگهجي. هن چيو ته افغان ع??ام جي مدد جي لاءِ دنيا کي اڳتي اچڻو پوندو، ان ڏس ۾ مصر به پنهنجو ڪردار ادا ڪري. چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم عمران خان پنهنجي چين جي دوري دوران افغانستان جي مسئلي تي پڻ ڳالهه ڪندو. ان موقعي تي ڳالهائيندي مصر جي سفير چيو ته مصر پاڪس??ان سان پنهنجي لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. هن ملاقات جي لاءِ وقت ڏيڻ تي اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين جا ٿورا مڃيا.