راولپنڊي – 08 فيبروري (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه نوشڪي بلوچستان جو دورو ڪيو، بلوچستان جو گورنر ۽ وڏو وزير، وفاقي ۽ صوبائي وزير به وزير??عظ?? سان گڏ هئا. وزير??عظ?? کي علائقي جي سيڪيورٽي جي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. پاڪ فوج جي عوامي رابطن واري شعبي موجب ان موقعي تي وزير??عظ?? فوجي دستن سان ڳالهين ۾ پاڪستان جي لاءِ لازوال قربانيون تي شهيدن ۽ انهن جي خاندانن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو. وزير??عظ?? فوجين جي پيشيوراڻي مهارت جي واکاڻ ڪئي ۽ آپريشنل تيارين ۽ بهادري کي ساراهيو جنهن سان هنن دهشتگردن جي حملن کي ناڪ??م بڻايو. وزير??عظ?? بلوچستان جي ترقي کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ دهشتگردن جي باقيات جي خاتمي لاءِ هٿياربند فوج جي حمايت جي قومي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزير??عظ?? چيو ته هڪ جامع قومي ڪوشش، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ تعاون ۽ هيٿاربند فوج جي مدد سان اسان بلوچستان جي حقيقي صلاحيتن کي استعمال ۾ آڻينداسين. ??ن کانپوءِ وزير??عظ?? علائقي جي چڱن مڙسن سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ انهن جي اڻٽر حمايت ۽ بلوچستان ۾ خوشحالي ۽ ترقي لاءِ ڪيل حڪومتي قدمن ۾ انهن جي تعاون کي ساراهيو. هن جرڳي جي ميمبرن کي بلوچستان ۾ ترقياتي منصوبن جي وقت سر پڄاڻي لاءِ مخلصاڻو تعاون جاري رکڻ جو يقين ڏياريو. وزير??عظ?? زور ڏنو ته بلوچستان جي ترقي اسان جي ترجيح ۽ پاڪستان جي مستقبل لاءِ انتهائي اهم آهي.