اسلام آباد – 22 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان عالمي سطح تي ڪنهن گروپ جو حصو نه آ??ي، پاڪستان روس سان بهترين ۽ سمورن ملڪن سان واپار?? لاڳاپن جو خواهشمند آ??ي، اسان چاهيون ٿا ته يوڪرين جو مسئلو پرامن طريقي سان حل ٿئي، طاقت جي بدران ڳالهين سان مسئلن کي حل ڪرڻ جو قائل رهيو آهيان، پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ اصل مسئلو ڪشمير جو آ??ي، اسرندڙ ملڪن جو پئسو واپس ڪرڻ ج?? لاءِ ترقي يافته ملڪن کي ڪو قانون ٺاهڻ گهرجي. دولت جي غيرمنصفاڻي ورڇ ۽ من?? لانڊرنگ تمام وڏو چئلينج آ??ي، جيستائين توهان پنهنجي غلطين مان نه ٿا سکو اڳتي نه ٿا وڌي سگهو. اهڙن خيالن جو اظهار هن روسي ٽي وي آر ٽي کي ڏنل انٽرويو ۾ ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته انسان سدائين خدا جي ڳولا ۾ رهي ٿو، ٻين انسانن جي بهتر?? لاءِ سوچڻ اسان جي ذميواري آ??ي، انسان کي ڪيترائي چئلينجز درپيش آهن. هن چيو ته ماحوليات?? آلودگي هڪ تمام وڏو چئلينج آ??ي، ان جي ڪري دنيا متاثر ٿي رهي آ??ي، پاڪستان ماحوليات?? آلودگي کي منهن ڏيڻ ج?? لاءِ قدم کڻي رهيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته دولت جي غيرمنصفاڻي ورڇ ۽ من?? لانڊرنگ تمام وڏو چئلينج آ??ي، حڪمرانن جي ڪرپشن ۽ پئسي جي منتقلي سان اسرندڙ ملڪن کي وڌيڪ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، حڪمرانن جي ڪرپشن سان ادارا تباهه ٿي وڃن ٿا. هن چيو ته من?? لانڊرنگ ۽ غيرمنصفاڻي ورڇ سان غربت ۾ اضافو ٿئي ٿو، ملڪ جو پئسو ٻاهر منتقل ڪرڻ تباهي جي برابر آهي. هن زور ڏنو ته ان سلسلي ۾ اسرندڙ ملڪن جو پئسو واپس ڪرڻ ج?? لاءِ ترقي يافته ملڪن کي ڪو قانون ٺاهڻ گهرجي. هن چيو ته ماضي ۾ سرد جنگ پوري دنيا کي پنهنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو هو، جڏهن ته پاڪستان عالمي سطح تي ڪنهن گروپ جو حصو نه آ??ي، البته هن چيو ته ماضي ۾ پاڪستان آمريڪي گروپ جو حصو هو. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان سمورن ملڪن سان واپار?? لاڳاپا چاهيون ٿا، افغان پناهگيرن کي پاڪستان پناهه ڏني، ٻاهرئين امداد هڪ لعنت آ??ي، ان ج?? لاءِ ملڪن کي غلط فيصلا ڪرڻا پون ٿا، جيستائين توهان پنهنجي غلطين مان نه ٿا سکو اڳتي نه ٿا وڌي سگهو. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته ڪورونا جي ڪري پوري دنيا جي معيشت کي جهٽڪو لڳو آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته اسان چاهيون ٿا ته يوڪرين جو مسئلو پرامن طريقي سان حل ٿئي، آئون طاقت بدران ڳالهين سان مسئلن کي حل ڪرڻ جو قائل رهيو آهيان. پنهنجي روس جي دوري جي ڏس ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان روس سان بهترين لاڳاپن جو خواهشمند آهي. هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ڀارت پنهنجي ماڻهن کي غربت مان ٻاهر ڪڍڻ ج?? لاءِ قدم کڻي، پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ اصل مسئلو ڪشمير جو آ??ي، جڏهن اقتدار سنڀاليو ته ڀارت کي ڳالهين جي دعوت ڏني، ڀارت ۾ فاشسٽ نظريا رکندڙ پارٽي جي حڪومت آهي. هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته ايران مٿان پابنديون ختم ٿي وڃن، غربت جي خاتم?? لاءِ اسان کي چين کان سکڻو پوندو، ٻين انسانن جي بهتر?? لاءِ سوچڻ اسان جي ذميواري آهي.