اسلام آباد – 09 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آه?? ته عورتن کي مالي ۽ ڊيجيٽل طور تي بااختيار بڻائڻ کانسواءِ قومي ترقي ممڪن نه آه??، ڇوڪريون ۽ عورتون قائداڻي صلاحيتن جو مظاهرو ڪندي اسلام ۽ آئين جي ذريعي فراهم ڪيل پنهنجا حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ فعال شرڪت جي ذريعي جدوجهد ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي سلسلي ۾ ڪامياب جوان پروگرام پاران منعقد ڪامياب عورت تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اولهه ۾ 1920ع تائين عورتن کي مردن جي ملڪيت سمجهيو ويندو هو پر اسلام اٽڪل 1400 سال اڳ عورتن جي وراثتي حقن جي ضمانت ڏني هئي. ڀائرن پاران پنهنجي ڀينرن جي وراثت تحفي جي نالي تي حاصل ڪرڻ جي رجحان تي تنقيد ڪندي صدر چيو ته عورتون هاڻي محتسب جي آفيس يا عدالتن سان رجوع ڪري سگهن ٿيون ڇو ته حڪومت ان??ن جي وراثتي حقن جي تحفظ جي لاءِ ضروري قانونسازي ڪئي آه??. هن چيو ته فعال شرڪت جي ذريعي عورتن کي پنهنجي حقن جي تحفظ جي لاءِ جدوجهد ڪرڻي پوندي، تعليم يافته عورتن کي به گهرجي ته اهي ??ڻپ????يل عورتن کي پنهنجي حقن جي تحفظ جي دستياب موقعن ۽ علاج جي لاءِ رهنمائي ڪن. صدر ڊاڪٽر عارف علوي عورتن تي زور ڏنو ته اهي بئنڪ وڃڻ کانسواءِ موبائيل ايپليڪيشن ذريعي آن لائين بئنڪ اڪائونٽ کولڻ جي سهولت مان فائدو کڻن ڇو ته ان??ن ک?? ان سان مالي طور تي بااختيار بڻائڻ ۾ مدد ملندي. ميانوالي ۾ پنهنجي ئي والد جي هٿان هڪ هفتي جي ٻارڙي جي قتل کي هڪ ”شرمناڪ واقعو“ قرار ڏيندي صدر عورتن کي مشورو ڏنو ته اهي پنهنجي ٻارن جي اخلاقي تربيت تي ڌيان ڏين ته جيئن ان??ن ۾ عورتن جي حقن جي حوالي سان شعور اجاگر ٿئي. هن خاص طور تي عورتن جي صحت تي خاص ڌيان ڏيڻ تي زور ڏنو. هن چيو ته عورتن جو سماجي تحفظ به ايترو ئي ضروري آه?? جڏهن اهي پنهنجي گهر کان ٻاهر نڪرن ته ان??ن کي تحفظ جو احساس ٿئي. هن عورتن کي هنرمند بڻائڻ جي لاءِ حڪومت جي قدمن جو ذڪر ڪندي چيو ته ان??ارميشن ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻندي عورتون پنهنجي گهر ۾ رهي ڪاميابي سان پنهنجو ڪاروبار هلائي سگهن ٿيون. هن چيو ته ميٽا (پهرين فيس بڪ) کي هن سال 100000 عورتن کي هنرمندي جي تربيت ڏيڻ جو هدف ڏنو ويو هو ته جيئن ان??ن کي اشتهارن ۽ ٻيون لاڳاپيل مهارتون فراهم ڪيون وڃن جيڪي اي ڪامرس ٽولز تي مصنوعات جي تشهير جي لاءِ گهربل آه??. صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي گهرواريءَ شرڪت ڪندڙن کي عورتن جي حقن جي لاءِ پنهنجي مسلسل ڪردار جو يقين ڏياريو ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ ۽ حقن جي تحفظ جي لاءِ ان??ن سان گڏ بيهڻ جي عزم کي ورجايو. موسمياتي تبديلي واري مملڪتي وزير زرتاج گل پاڪستان سان گڏوگڏ ڀارت جي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ عورتن جي تاريخي ڪردار ۽ قربانين تي روشني وڌي. تقريب دوران صدر ڊاڪٽر عارف علوي عورتن کي عالمي ڏهاڙي جي مناسبت سان ڪيڪ ڪاٽيو جڏهن ته ڪامياب جوان پروگرام، احساس پروگرام ۽ نئون پاڪستان هائوسنگ پروگرام مان فائدو کڻندڙن ۾ چيڪس، سرٽيفڪيٽس ۽ گهرن جون چاٻيون ورهايون ويون.