اسلام آباد – 05 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عام ماڻهو کي فوري ۽ مفت انصاف فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته محتسب کاتن جي بدانتظامي جي خلاف شڪايتن جي فوري ازالي لاءِ جديد آءِ ٽي ذريعا استعمال ڪري، فضول قانوني ڪارروائي جي حوصلا شڪني ڪئي وڃي، ان سان کاتن ۽ ??فا??ي محتسب تي بار وڌندو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??فا??ي محتسب اعجاز احمد قريشي سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ??فا??ي محتسب صدر کي سال 2021ع دوران اداري جي ??ارڪردگي ۽ ڪاميابين جي باري ۾ بريفنگ ڏني، گذريل سال ??فا??ي محتسب کي 110398 شڪايتون مليون، ڪل شڪايتن مان هڪ لک 6 هزار 732 حل ڪيون ويون، محتسب جي 92.7 سيڪڙو فيصلن تي عملدرآمد ڪيو ويو، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪل شڪايتن کان 92 هزار آن لائين موصول ٿيون ۽ ان تي ڪارروائي ڪئي وئي، صدر کي ملڪ جي مختلف علائقن ۾ شڪايتون سيل، علائقائي آفيسن جي قيام تي به بريفنگ ڏني وئي، شڪايتن جي ازالي ??ي جامع سسٽم جي تحت ??فا??ي حڪومت جي 180 مختلف ايجنسين کي سگهه ڏني وئي آهي، ان موقعي تي صدر چيو ته ??فا??ي محتسب ملڪ جي ??ورانهن علائقن تائين پنهنجي پهچ وڌائي، محتسب کاتن جي بدعنواني جي خلاف شڪايتن جي فوري ازالي لاءِ جديد آءِ ٽي ٽولز استعمال ڪري ??فا??ي محتسب يوٽيلٽي ڪمپنين جي ناانصافي خلاف شڪايت ڪندڙن کي جلد انصاف فراهم ڪري. هن چيو ته ??فا??ي محتسب وٽ وڌيڪ شڪايتون گئس ۽ بجلي ??ي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين پاران وڌيڪ بلن بابت آهن، ??فا??ي محتسب ميڊيا جي ذريعي پنهنجي ??ردار ۽ خدمتن جي باري ۾آگاهي پيدا ڪري، ??فا??ي محتسب شڪايتن جي جلد ازالي لاءِ مختلف سرڪاري کاتن سان رابطا قائم ڪري، محتسب ماڻهن جون شڪايتون تيزي سان اڪلائڻ لاءِ سرڪاري ادارن سان تعاون وڌائي. فضول قانوني ڪارروائي جي حوصلا شڪني ڪئي وڃي، ان سان کاتن ۽ ??فا??ي محتسب تي بار وڌندو آهي، صدر محتسب جي ??ارڪردگي ۽ پهچ وڌائڻ جي سرگرمين کي ساراهيو. صدر پاران اداري کي مضبوط بڻائڻ، فوري انصاف جي فراهمي ۾ تعاون جي خاطري ڪرائي.