اسلام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستان تحر??ڪ انصاف جي جلسي ۾ شرڪت لاءِ ايندڙ هڪ خصوصي شخص جي وڊيو شيئر ڪندي چيو آهي ته قوم جي ان جذبي کي ڇا ڪوئي شڪست ڏئي س??هي ٿو. پنهنجي ٽوئ??ٽ ۾ وزيراعظم عمران خان گذريل ڏينهن آچر تي اسلام آباد ۾ منعقد پاڪستان تحر??ڪ انصاف جي جلسي ۾ شرڪت لاءِ ايندڙ ??صوصي شخص جي وڊيو شيئر ڪئي جيڪو ٽنگن کان محروم آهي ۽ پي ٽي آءِ جلسي ۾ شرڪت لاءِ گامزن آهي، وزيراعظم چيو ته جڏهن هڪ قوم ۾ ان قسم جو جذبو هجي ته هر امتحان ۾ سرخرو ٿي س??هي ٿي، ڇا قوم جي ان جذبي کي ڪو شڪست ڏئي س??هي ٿو.