اسلام آباد – 23 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 14 اپريل تي اتر وزيرستان ۾ حملي جي شهيدن جي وارثن سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو ?? شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب ان موقعي تي صدر شهيدن جي پونيئرن سان همدردي جو اظهار ڪيو ?? شهيدن جي لاءِ درجن جي بلندي ۽ وارثن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي. صدر حوالدار طارق يوسف، سپ??هي اعجاز حسين، سليمان وقاص جي گهرڀاتين سان ڳالهه ٻولهه ڪئي. صدر سپ??هي وقار احمد، محمد جواد ۽ ارشد علي جي پونئيرن سان پڻ افسوس جو اظهار ڪيو. صدر عارف علوي 12 اپريل تي ڏکڻ وزيرستان ۾ حملي ۾ شهيدن جي وارثن سان پڻ تعزيت جو اظهار ڪيو. هن ميجر شجاعت حسين ۽ سپ??هي عمران خان جي پونئيرن سان پڻ تعزيت ڪئي.