اسلام آ??اد ?? 06 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف قوم تي زور ڏنو آهي ته هاڻي ڪم تي ڌيان ڏنو وڃي. پن??نجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هو اميد ڪري ٿو ته عوام عيد جون موڪلون پن??نجي گهرڀاتين سان سٺي طريقي سان گذاريون ۽ آرام به ڪري ورتو، هاڻي اسان کي ڪم تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. عيد جي چئن موڪلن کانپوءِ جمعي ڏينهن آفيسون کلي ويون ۽ ڪارو??ار زندگي به بحال ٿي ويو. وزيراعظم شهباز شريف جيڪو هڪ بهترين منتظر ۽ ڪم کي تيزي سان سرانجام ڏيڻ ۽ پڄاڻي تائين پهچائڻ جي شهرت رکندڙ آهي، قوم کان به اميد رکون ٿا ته اها ان جي پيروي ڪندي ملڪي تعمير ۽ ترقي جي لاءِ محنت، لڳاءُ ۽ جانفشاني سان ڪم ڪري. وزيراعظم جنهن عيد جون موڪلون لاهور ۾ گذاريون، جمعي ڏينهن صبح سوير اسلام آ??اد پهچي ويو ۽ پن??نجي آفيس ۾ پن??نجي فرضن جي ادائيگي شروع ڪري ڇڏي. ٻئي طرف وزيراعظم پن??نجي هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ لاهور ميٽرو مان فائدو کڻندڙ عام ماڻهن جي ڪهاڻي جي عڪاسي ڪندڙ فيضان احمد جي ڪم کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته فيضان احمد لاهور ميٽرو سان عام ماڻهو کي ملندڙ سفري سهولت کي بهترين طريقي سان اجاگر ڪيو. وزيراعظم چيو ته هو ان عڪاسي کان تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي.