اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته فلسطين جي حمايت ۾ پا??ستاني پاليسي ۾ ڪا به تبديلي نه آئي آهي نه ايندي، فلسطين تي پا??ستان جي رياستي پاليسي واضح ۽ باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي فرمانن تي ٻڌ?? آهي، پا??ستان جي عوام جي خواهشن ۽ امنگن جي خلاف ڪا به پاليسي يا قدم نه ٿيندا، پا??ستان فلسطين جو مسئلو ۽ اسرائيل بابت پنهنجي روايتي ۽ اصولي موقف تي سختي سان عمل پيرا آهي، پرڏيهي وزارت واضح ڪري چڪي آهي ته پا??ستان مان ڪو به وفد اسرائيل ناهي ويو. پنهنجي پاليسي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائو??سل جي قرارداد موجب فلسطينن جي خودمختياري واري حق جي مڪمل حمايت ڪريون ٿا، هن چيو ته دنيا ٻن رياست?? حل کي خطي ۾ پائيدار امن جو ضامن تصور ڪندي آهي، هن چيو ته 1967ع کان پهرين جي سرحدن، بيت المقدس، گادي وارو شهر ۽ جاگرافيائي وحدت رکندڙ فلسطين رياست جو واعدو پورو ڪيو وڃي، اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته والاريل فلسطين ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير گڏيل قومن جي سلامتي ڪائو??سل جي ايجنڊا جا پراڻا معاملا آهن، جنهن جو حل عالمي برادري جي ذميداري آهي انهن ٻنهي مسئلن جي منصفاڻ?? حل تائين دنيا ۾ پائيدار امن هڪ خواب ئي رهندو، هن چيو ته والاريل فلسطين ۽ غير قانوني طور تي ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي منصفاڻي جدوجهد جي هر ممڪن حمايت جاري رکنداسين. مريم اورنگزيب چيو ته سستي سياسي شهريت لاءِ هر منفي قدم کڻندڙ قومي مفاد جو ته خيال ڪن، دوري ۾ شامل پي ٽي وي جي اينڪر کي برطرف ۽ آف ايئر ڪيو ويو آهي، ڄاڻايل اينڪر پنهنجي ذاتي حيثيت ۾ دوري تي ويو هو.