قلعه سيف الله – 01 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ سبب ٿيندڙ ن??صانن جو ڪاٿو لڳائڻ لاءِ اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي گڏجي سروي ڪن، متاثرين کي رهائش، خوراڪ ۽ علاج جون سموريون س??ول??ون فراهم ڪيون وڃن. هن اها هدايت خوشنوب خيما بستيءَ جي دوري دوران ڏن??. ا?? موقعي تي ??لوچستان جو وڏو وزير عبدالقدوس بزنجو، هائوسنگ وارو وفاقي وزير مولانا عبدالواسع، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، منشيات جي خاتمي وارو وفاقي وزير شاهه زين بگٽي، دفاعي پيداوار وارو وفاقي وزير اسرار ترين، توانائي وارو مملڪتي وزير محمد هاشم نوتيزئي ۽ قومي اسيمبلي جو ميمبر صلاح الدين ايوبي به وزيراعظم سان گڏ هو. وزيراعظم کي اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي جي ع??لدارن طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ سبب فصلن، باغن، روڊن ۽ ننڍن ڊيمن کي ٿيندڙ ن??صانن، ريسڪيو ۽ امدادي سرگرمين بابت بريفنگ ڏني. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته لسٻيلا، ڪيچ، ڪوئيٽا، هرنائي، قلعه سيف الله ۽ ٻين ضلعن ۾ برساتن ۽ ٻوڏ سبب باغن، فصلن ۽ گهرن کي نقصان پهتو آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته زوب ڊويزن ۾ ماڻهن جو اڪثر دارومدار زراعت ۽ چوپايو مال پالڻ تي ??هي، اتي ??ه تمام گهڻو نقصان ٿيو آه??. ا??ڪل 10 هزار ڊيمن ۽ ماڻهن کي نقصان پهتو آهي. صوبي جي سمورن ضلعن ۾ ٿيندڙ ن??صانن جي انگن اکرن کي گڏ ڪيو پيو وڃي جنهن جي بنياد تي ??حالي جي سرگرمين کي اڳتي وڌايو ويندو. بيمارين کي روڪڻ ۽ مريضن جي ع??اج جي لاءِ ميڊيڪل ڪئمپ پڻ لڳايون ويون آهن جتي ماڻهن کي ع??اج جي بهترين س??ول??ن کي يقيني بڻايو ويو آه??. ا?? کانسواءِ ويٽرنري اسپتالن جو به انتظام ڪيو ويو آهي. ماڻهن تائين روزاني جي استعمال جون شيون ۽ ٻيون ضروري شيون پهچائڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. وزيراعظم اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم اي جي ع??لدارن کان نقصانن ۽ امدادي ڪاررواين بابت معلومات ورتي. لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن پنهنجي پنهنجي کاتن پاران متاثرين جي امداد لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته ريسڪيو ۽ امدادي سرگرمين ۾ پاڪ فوج ۽ ايف سي جي اهلڪارن ڀرپور مدد ڪئي آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته متاثرين جي هر طرح سان دادرسيءَ ڪئي وڃي ۽ انهن کي رهائش، خوراڪ ۽ ٻيون س??ول??ون پهچايون وڃن. وزيراعظم خيما بستيءَ ۾ قائم ميڊيڪل ڪئمپ جو به دورو ڪيو ۽ اتي ماڻهن کان علاج جي س??ول??ن جي فراهمي بابت معلوم ڪيو.