گلگت – 05 – آگسٽ (اي پي پي) پيپلزپارٽي گل??ت بلتستان جي صوبائي صدر امجد ح??ين ايڊووڪيٽ 5 آگسٽ 2019ع تي ڪشمير تي ڀارتي غيرقانوني قدمن جا 3 سال مڪمل ٿيڻ تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اسان ڪش??ير??ن جي خودمختياري جي حق جي جدوجهد کي خراج تح??ين پيش ڪريون ٿا، مخالف ڌر اڳواڻ چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڪشمير ۾ غيرقانوني قبضي کي برقرار رکڻ جي لاءِ هر قسم جي حربا ۽ ظلم ۽ جارحيت آڏو ڪش??ير??ن بي شمار قربانيون ڏنيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع جي قدمن تي گڏيل قومن جي خاموشي سواليه نشان آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڀارتي حڪومت پاران غيرقانوني قدمن جو مقصد والاريل واديءَ ۾ غيررياستي رهوا??ين کي آباد ڪري ڪش??ير??ن جي اڪثريت کي اقليت ۾ بدلائڻ آهي جيڪو مذمت جوڳو آهي ڪشمير تڪرار جو حل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪش??ير??ن جي خواهشن موجب منصفاڻو حل ڪڍڻ?? پوندو.