اسلام آباد – 10 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف گذريل پوڻن چئن سالن دوران بجلي جي منصوبن جي تعمير ۾ تعطل ??اب?? انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ جلد پيش ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ??ه ملڪ ۾ درآمدي ٻارڻ سان مهانگي بجلي بدران ماڻهن کي سولر جو متبادل ڏنو ويندو، شمسي توان??ئي سان نه رڳو مهانگي درآمدي ٻارڻ جو بل گهٽ ٿيندو پر گهٽ لاڳت، ماحول دوست بجلي پيدا ٿيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ سڄي ملڪ ۾ سولر قدمن تي اعليٰ سطحي اج??اس کي خطاب ڪندي ڪيو. اج??اس ۾ وزيراعظم هدايت ڪئي ته گذريل پوڻا چئن سالن دوران بجلي جي منصوبن جي تعمير ۾ تعطل تي انڪوائري ڪميشن جي رپورٽ جلد پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ درآمدي ٻارڻ سان مهانگي بجلي بدران ماڻهن کي سولر جو متبادل ڏنو ويندو. ٻه سال اڳ نااهل نيازي حڪومت جي 2020ع ۾ ڏني ويندڙ متبادل توان??ئي پاليسي نه رڳو ناڪام ٿي پر ان کانپوءِ ان شعبي ۾ سيڙپڪاري به نه آئي. صارفين کي سولر سسٽم جي فراهمي دوران بلوچستان کي خصوصي ترجيح ڏني وڃي. سولرائيزيشن سان نه رڳو مهانگي درآمدي ٻارڻ جو بل گهٽ ٿيندو پر گهٽ لاڳت، ماحول دوست بجلي پيدا ٿيندي. اج??اس کي مهانگي درآمدي ٻارڻ جھي متبادل ۾ گهٽ لاڳت سولر بجلي منصوبن تي تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اج??اس کي ٻڌايو ويو ته حڪومت ايندڙ ڪجهه مهينن ۾ 14000 ميگاواٽ جا سولرائيزيشن جا منصوبا جاري ڪندي جن ۾ 9000 ميگاواٽ جا منصوبا ترجيح?? بنيادن تي مڪمل ڪيا ويندا. منصوبن ۾ سولر سسٽم نه رڳو رعايتي قيمتن تي ڏنا ويندا پر ان تي ٽيڪس جي مد ۾ پڻ مراعتون ڏنيون وينديون. وزيراعظم ترجيح?? بنيادن تي انهن منصوبن کي مڪمل ڪرڻ جي لاءِ جلد ٺوس منصوبابندي ڪرڻ جي هدايت ڪئي.