اسلام آباد – 15 – آگسٽ (??ي پي پي (وزي??اع??م محمد شهباز شريف ٻاهرين سيڙپڪار ڪمپنين خاص طور تي گوادر فري زون ۾ سيڙپڪاري ڪندڙ ڪمپنين جي مسئلن جي حل لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي ۽ هدايت ڪئي آهي ته ملڪ ۾ غير ملڪي سيڙپڪاري جي راهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي فوري طور تي ختم ڪيو وڃي، ڪالهه سومر ڏينهن وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هُن پنهنجي صدارت ۾ ملڪ ۾ سيڙپڪاري بابت ٿيندڙ اعليٰ سطحي اجلاس جي موقعي تي ڪيو.اجلاس ۾ وفاق?? و??ير مفتاح اسماعيل، چوڌري سالڪ حُسين، احسن اقبال، خاص معاون طارق فاطمي ظفرالدين محمود ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ وزي??اع??م ڪميٽي کي ڏهن ڏينهن اندر رپورٽ ۽ سفارشون پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي، وزي??اع??م چيو ته چيني سيڙپڪار ڪمپنين کي ترجيحي بنيادن تي سهولتون فراهم ڪيون وڃن، چيني پورهيتن جي ويزا حاصل ڪرڻ جي عمل ۾ ايندڙ سڀني رڪاوٽن کي فوري طور تي حل ڪيو وڃي، چيني پورهيتن جي ويزا ۾ سي پيڪ ۽ ٻين ڪمپنين جي پورهيتن جي فرق کي ختم ڪري ??يزا جي طريقي کي آسان ۽ تيز بڻايو وڃي، اجلاس ۾ وزي??اع??م کي توانائي، انفرااسٽرڪچر، ريلوي، پورٽ انفرااسٽرڪچر ۽ ٻين منصوبن ۾ 10 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ۾ دلچسپي رکندڙ ڪمپنين جي باري ۾ تفصيلي طور آگاهه ڪيو ويو، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پهرين مرحلي ۾ فوري طور هڪ کان 2 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جي اميد آهي، ان کانسواءِ انهن منصوبن سان نه رڳو 45 هزار کان وڌيڪ نوڪرين جا موقعا پيدا ٿيندا پر پاڪستان EASE OF DOING BUSINESS INDEX ۾ بهتري ايندي. وزي??اع??م فوري طور تي انهن منصوبن تي سيڙپڪاري بورڊ، منصوبابند?? و??ري ??زارت ۽ ناڻ?? و??ري ??زارت ج?? گڏيل تعاون سان هڪ جامع منصوبو جوڙڻ جي هدايت جاري ڪئي.