اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم م??مد شهباز شريف چيو آهي ته عمران نيازي خطرناڪ راند کيڏي رهيو آهي، بي بنياد الزام بازي بدران جوڊيشل ڪميشن جي جاچ جي نتيجن جو انتظار ڪيو وڃي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم م??مد شهباز شريف چيو ته عمران نيازي ارشد شريف جي افسوسناڪ قتل کي پنهنجي گهٽيا سياست جي لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي ۽ ري??ستي ادارن تي شڪ شبهن جو اظهار ڪري رهيو آهي. هن چيو ته عمران خان کي صبر کان ڪم و??ڻ گهرجي ۽ بي بنياد الزام هڻڻ بدران جوڊيشل ڪميشن جي جاچ جي نتيجن جو انتظار ڪرڻ گهرجي.