اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چمن ۾ شهري آبادي تي افغان بارڊر فورسز پاران اشتعال ??نگيز فائرنگ جي واقعي جي سخت مذمت ڪندي مستقبل ۾ اهڙن واقعن کي روڪڻ جي ضرورت تي زور ڏنو آه??. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي اميد ظاهر ڪئي ته واقعي ۾ مل??ث ماڻهن جي خلاف افغان حڪومت پاران سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته سرحد جي ٻ??هي طرفن شهري آبادي جو تحفظ ڪرڻ ٻ??هي ملڪن جي ذميواري آه??. صدر واقعي ۾ مارجي ويلن جي لاءِ افسوس جو اظهار ڪيو. صدر زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي ۽ پونئيرن سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو.