اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت ملڪ ۾ سڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري جي راهه هموار ڪرڻ جي لاءِ عالمي ساک رکندڙ انٽرنيشنل آپريٽرز جون خدمتو?? حاصل ڪرڻ جو ??يصلو ڪيو آهي، ان مقصد جي لاءِ پهرين مرحلي ۾ ملڪ جي ٽن هوائي اڏن کي انٽرنيشنل آپريٽرز جي ذريع?? هلايو ويندو. اهو فيصلو وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ وزيراعظم هائوس ۾ ايوي ايشن جي معاملن جي حوالي سان منعقد اهم اجلاس ۾ ڪيو ويو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ موجب اجلاس ۾ ملڪ ۾ سڌوسنئون پرڏيهي سيڙپڪاري جي راهه هموار ڪرڻ جي لاءِ وڏو فيصلو ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ عالمي ساک رکندڙ انٽرنيشنل آپريٽرز جون خدمتو?? حاصل ڪيون وينديون. پهرين مرحلي ۾ ملڪ جي ٽن وڏن هوائي اڏن کي انٽرنيشنل آپريٽرز جي ذريع?? هلايو ويندو. انٽرنيشنل آپريٽرز اسلام آباد، لاهور ۽ ڪراچي جي هوائي اڏن ک?? هلائڻ ۾ ??دد فراهم ڪندا. 20 کان 25 سالن جي عرصي جي مدي جي لاءِ انٽرنيشنل آپريٽرز انهن ادارن ک?? هلائڻ ۾ ??دد ڪندا. ورلڊ بئنڪ جي ذيلي اداري انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن (آءِ ايف سي) جي ??دد حاصل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي، انٽرنيشنل فنانس ڪارپوريشن ڪنسلٽينسي جا فرض سرانجام ڏيندي. فيصلي موجب انٽرنيشنل آپريٽرز هوائي اڏن تي سروس جا عالمي معيار مهيا ڪندا. پرڏيهي سيڙپڪاري سان هوائي اڏن ۾ جدت ۽ بهتري آندي ويندي. اجلاس پب??ڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ اٿارٽي کي ضابطي جي ڪارروائي شروع ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. ان موقعي تي وزيراعظم سمورو عمل شفافيت جي اعليٰ ترين معيارن ۽ ملڪي قانونن موجب يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 44 ملڪن ۾ پب??ڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي فارمولي تي عملدرآمد ٿي رهيو آهي. انهن ملڪن ۾ آمريڪا، برطانيا، ڀارت، بحرين، برازيل به شامل آهن. جتي پب??ڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي اصول تي هوائي اڏن جو انتظام هلايو پيو وڃي.