اسلام آباد – 22 – ??سمبر (اي پي پي) پاڪستان پ??پلزپارٽي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چ??و آهي ته پاڪستان جو واحد پرڏيهي وزير آهيان جيڪو پنهنجي ٽڪيٽ پاڻ خريد ڪريان ٿو ۽ هوٽل جو بل به پاڻ ئي ادا ڪريان ٿو. پريس ڪانفرنس دوران سوالن جا جواب ڏيندي هن چيو ته آئون پ??هنجي ٻاهرئين ملڪن جي خرچن جو بار قومي ناڻي تي نٿو وجهان. جيڪڏهن ائين ڪريان به ٿو ته بطور پرڏيهي وزير منهنجو استحقاق آهي. پرڏيهي وزير چيو ته منهنجي ٻاهرئين ملڪ دورن جو فائدو منهنجي ذات کي نه پر پاڪستان جي عوام کي ٿ??و آهي. سندس محن?? جي ڪري پاڪستان فيٽف جي گري لسٽ مان ٻاهر نڪتو آهي. پرڏيهي وزير چيو ته سندس دورن جي ڪري پاڪستان کي معاشي فائدا حاصل ٿيا آهن. پاڪستان هن وق?? جي 77 يعني پوري دنيا جي اسرندڙ ملڪن جي اتحاد جي قيادت ڪري ره??و آهي. هن چيو ته اسان ڪوپ 27 ۾ تباهي جي ازالي کي ايجنڊا ۾ شامل ڪرايو جيڪا پاڪستان سميت سمورن اسرندڙ ملڪن جي هڪ وڏي ڪاميابي آهي. هن چيو ته توهان اسان جي جي 77 سڌارن جي دستاويز کي پڙهو. دنيا جي سمورن اسرندڙ ملڪن مطالبو ڪ??و آهي ته عالمي فنانشل ادارا امير ملڪن بدران غريب ملڪن کي فائدو ڏين.