اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشري??ت واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۾ وڪي پيڊيا تان پابندي فوري طور تي هٽائڻ جا حڪم ڏيندي آءِ ٽي واري وفاقي وزير جي س??بر??هي ۾ 5 رڪني ڪميٽي پڻ جوڙي ڇڏي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاع??ت واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته ڪميٽي ۾ قانون وارو وفاقي وزير، اطلاع??ت واري وزير، واپار وارو وزير ۽ مواصل??ت وارو وزير به شامل آهن. هن چيو ته آن لا??ين مواد کي اڃان ڏٺو ويندو.