اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ”گهڙيءَ چور، توشه خانه چور پيش ٿئي“ جا آواز هنيا پيا وڃن پر عمران خان گم آهي، عمران خان پيش نه ٿيو ته گرفتار ڪرڻ گهرجي، جيل ڀرڻ جو شوق به پورو ٿي ويندو. پنهنجي بيان ۾ هن ??يو ته عدالت پڇي رهي آهي ته جوابدار ڪٿي آهي؟ جواب مليو ”وقت جو نه ٿا ٻڌائي سگهون“ عدالت پڇي رهي آهي ته جوابدار ڪهڙي وقت پي?? ٿيندو، جواب مليو ”عمران خان سان رابطو نه ٿي رهيو آهي“ عدالت گهڙيءَ چور جي حاضري جو پڇي رهي آهي جيڪو اڃا تائين پيش ناهي ٿيو، فارن ايجنٽ ضمانت ڪرائڻ بئنڪنگ ڪورٽ تي مهرباني ڪري رهيو آهي، توشه خانه ڪيس ۾ فرد جرم لڳڻي آهي اتان به هي مفرور آهي، واهه ڀئي واهه. مريم اورنگزيب چيو ته نواز شريف ڌيءَ سان گڏ روزانو عدالت پي?? ٿي سگهيو پئي ته عمران خان، بشريٰ بي بي ۽ فرح گوگي سان گڏ ڇو نه ٿو پي?? ٿي سگهي؟ عمران خان ڏٺئي! وقت اچڻ تي جواب پاڻ ئي ڏيڻو پوندو آهي، بشر??ٰ ۽ گوگي به ساٿ ڇڏي ڏنو آهي. هن ??يو ته گهڙيءَ چور ۽ فارن ايجنٽ سڌو جيل ويندو يا سڌو عدالت. گهڙيءَ چور فارن ايجنٽ جواب ڏجان ته توشه خانه ڇو ڦريو؟ خانه ڪعبه جي گهڙيءَ ڇو وڪرو ڪئي؟ بشريٰ بي بي توشه خانه جي هيرن جا هار ڇو وڪرو ڪ??ا؟ عدالت ۾ پي?? ٿي جواب ڏيو. هن ??يو ته فارن ايجنٽ جواب ڏي ته خيرات جا پئسا سياست تي ڇو لڳا??ا؟ پنهنجي ملازمن جي نجي اڪائونٽس کي مني لانڊرنگ جي لاءِ ڇو استعمال ڪيو؟ شوڪت خانم اسپتال جي خيرات جا پئسا پرائيويٽ هائوسنگ سوسائٽي ۾ ڇو لڳا??ا؟ ووٽن ڪرڪيٽ ڪلب کان لکين ڊالر ڇو ورتا؟ خيرات جو پئسو سياست ۾ ڇو لڳايو؟ فارن فنڊنگ ملڪ جي خلاف ڇو استعمال ڪئي؟