اسلام آباد – 07 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ آمريڪا هر قسم جي دهشتگردي جي گڏيل خطري کي منهن ڏيڻ جي عزم کي ورجائيندي ڳال??ه ٻولهه جي سلسلي کي جاري رکڻ ۽ دهشتگردي جي خطري بابت بهتر ڄاڻ پيدا ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پاڪستان – آمريڪا دهشتگردي جي خاتمي ڊائيلاگ 6، 7 مارچ 2023ع تي اسلام آباد ۾ ٿيو. پاڪستاني وفد جي قيادت پرڏيهي وزارت جي ايڊيشنل سيڪريٽري (يو اين اينڊ اي ڊي) سيد حيدر شاهه ڪئي جڏهن ته آمريڪي وفد جي سربراهي پرڏيهي کاتي جي دهشتگردي جي خاتمي بابت وقتي ڪوآرڊينيٽر ڪرسٽوفر لينڊبرگ ڪري رهيو هو. پرڏيهي آفيس جي ت??جمان موجب ٻن ڏينهن واري ڳال??ه ٻولهه ۾ گهڻ رخي فورمز تي دهشتگردي جي خاتمي ت??اون، دهشتگردي جي خاتمي جي علائقائي منظرنامي جو جائزو، سائبر سيڪيورٽي ۽ پرتشدد انتهاپسندي جي خاتمي سميت ڪيترن ئي موضو??ن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان ۾ آمريڪي امداد جي منصوبن تي پُڻ غور ويچار ڪيو ويو ۽ خاص طور تي مني لانڊرنگ جي خاتمي ۽ انصاف جي شعبي ۾ صلاحيت وڌائڻ تي ڌيان ڏنو ويو. ٻنهي ڌرين دهشتگردي جي خلاف پاڪستان جي صلاحيت کي وڌائڻ ۾ انهن منصوبن جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ڌرين دهشتگردي جي مالي معاونت جي خلاف پنهنجي ت??ربن جي پڻ مٽاسٽا ڪئي. هنن هر قسم جي دهشتگردي جي گڏيل خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پنهنجي عزم کي ورجايو. هنن ان ڳال??ه ٻولهه جي سلسلي کي جاري رکڻ ۽ دهشتگردي جي خطري بابت ڄاڻ پيدا ڪرڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.