اسلام آباد – 12– اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي ٽيڪس محتسب جي حڪم جي خلاف ايف بي آر جي درخواست رد ڪندي ايف بي آر کي اطلاع ڏيندڙ جي سڃاڻپ ليڪ ٿيڻ تي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب نجي ڪمپني جي اڪائونٽنٽ ڪمپني پاران مبينا ٽيڪس فراڊ جي معلومات ايف بي آر کي ڏني هئي، اطلاع ڏيندڙ جي معلومات ڪمپني جي مالڪ کي ??يڪ ڪئي وئ?? جنهن تي ملازم کي ڌمڪين کي ??نهن ڏيڻو پيو. صدر چيو ته ايف بي آر وضاحت ڪري ته هو قومي خزاني کي ??قصان پهچائيندڙ ڪمپني کان سيلز ٽيڪس جي وصولي لاءِ فراهم ڪيل معلومات کي ??ڪمل طور تي ڇو استعمال نه ڪري سگهيو. ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي ٽيڪس محتسب جي حڪم جي خلاف ايف بي آر جي درخواست رد ڪري ڇڏي ۽ چيو ته ايف بي آر پنهنجي لاڳاپيل اسيسمنٽ آرڊر تي نظرثاني ڪري. صدر هدايت ڪئي ته ايف بي آر اطلاع ڪندڙ کي ??ڌڻ جو موقعو فراهم ڪري ۽ فراهم ڪيل معلومات کي ??ڪمل طور تي استعمال ڪري. صدر ڪمپني پاران مختلف مبينا مالي بي ضابطگين بابت معومات جو مڪمل فائدو نه ک??ڻ تي ايف بي آر تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته هي واقعو اطلاع ڏيندڙ جي تصور ۽ ان حوالي سان قانونسازي جي سخت خلاف آهي. هن چيو ته معلومات مان فائدو کڻڻ بدران ايف بي آر تمام گهڻي سستي جو مظاهرو ڪيو. تفصيل موجب محمد الياس ناردرن ٽولنگز پرائيويٽ لميٽيڊ ۾ اڪائونٽنٽ طور ڪم ڪري رهيو هو، هن ايف بي آر کي خبر ڏني ته ڪمپني مختلف مالي بي ضابطگين ۾ ملوث آهي. وڏي پئماني تي ٽيڪس چوري/دوکيبازي جي اطلاع تي شهري کي اطلاع ڏيندڙ طور رجسٽرڊ ڪيو ويو. ايف بي آر ڪمپني جي خلاف ڪارروائي شروع ڪئي ۽ 1.5 ڪروڙ رپين جي وصولي ڪئي، وصول ٿيل رقم فراهم ڪيل معلومات صحيح طريقي سان استعمال نه ڪرڻ جي ڪري تمام گهٽ هئي. سي ٽي او لاهور جي عملي ٽيڪس چوري ڪندڙ ڪمپني جي مالڪ کي اطلاع ڪندڙ جي سڃاڻپ به ظاهر ڪئي جنهن تي ڪمپني اڪائونٽنٽ کي ??وليس ۽ ٻين ڪاررواين سان ڌمڪيون ڏنيون. شڪايت ڪندڙ وفاقي ٽيڪس محتسب کي شڪايت ڪئي جنهن ملازم کي ??ڌڻ جو موقعو فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي جڏهن ته ايف بي آر فيصلي جي خلاف صدر کي درخواست داخل ڪئي جنهن ک?? صدر رد ڪري ڇڏيو آهي. صدر چيو ته ٽيڪس محتسب جو حڪم رڳو ايف بي آر جي فرض جو ورجاءُ آهي ته معلومات مڪمل طور تي استعمال ڪئي وڃي، ايف بي آر چوري ٿيل سيلز ٽيڪس جي رقم جي وصولي لاءِ ٻيهر ڪارروائي ڪري. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايف بي آر کي ??عاملي تي ٽيڪس محتسب کي 60 ڏينهن جي اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جي وڌيڪ هدايت پڻ ڪئي آهي.