اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي شاليمار رڪارڊنگ اينڊ برا?? ڪاسٽنگ ڪمپني کي سيڪيورٽي ڪمپني جي 10.32 ملين رپين جون رهتون ادا ڪرڻ جي هدايت ڪندي وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف شاليمار رڪارڊنگ ڪمپني جي اپيل رد ڪري ڇڏي. ايوان ??در جي پريس ونگ پاران ??اري بيان موجب شاليمار رڪارڊنگ سيڪيورٽي خدمتن جي عيوض هڪ ڪمپني کي 10.32 ملين رپين جون رهتون ادا ڪرڻيون هيون، شاليمار رڪارڊنگ مالي بحران ??ي ڪري رقم ادا ڪرڻ کا?? معذوري ظاهر ڪئي هئي. صدر چيو ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جو سيڪريٽري سال جي اندر ماهوار قسطن ۾ رهتن جي ادائيگي کي يقيني بڻائي، جيڪڏهن ضر??ري هجي ته اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جو سيڪريٽري 6 مهينن جي اندر مجاز فورم کان منظوري وٺي. وفاقي محتسب ڪمپني کي خدمتن جي مد ۾ 10320800 رپيا ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي هئي، شاليمار رڪارڊنگ ڪمپني مالي مسئلن جي ڪري قسطن ۾ به رقم ادا ڪرڻ کان ??اجزي جو اظهار ڪيو جنهن تي سيڪيورٽي ڪمپني وفاقي محتسب سان ??جوع ڪيو، جنهن ان ??ي حق ۾ حڪم جاري ڪيو. فيصلي کانپوءِ شاليمار رڪارڊنگ صدر وٽ اپيل داخل ڪئي جنهن کي رد ڪيو ويو. صدر چيو ته شاليمار ڪمپني عجيب موقف اختيار ڪيو ته اها ”ايجنسي“ جي زمري ۾ نه ٿي اچي. صدر چيو ته وزارت، ڊويزن يا ڪا قانون?? ڪارپوريشن يا حڪومت جي انتظام هيٺ يا قائم ڪيل ادارو ايجنسي جي تعريف ۾ اچي ٿو، شاليمار برا?? ڪاسٽنگ هڪ پبلڪ سيڪٽر ڪمپني آهي جيڪا ڪمپنيز ايڪٽ 2017ع تحت قائم ٿي. صدر چيو ته شاليمار ڪمپني رولز آف بزنس تحت انتظامي طور تي اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جي ذريعي ڪنٽرول ڪئي وڃي ٿي. هن چيو ته ڪمپني پنهنجون ذميواريون ادا ڪرڻ ۾ ناڪام رهي جنهن جو هن ??عت??اف ڪيو، ڪمپني رقم ادا ڪرڻ کان ??نڪار ڪيو جيڪو بدانتظامي جي برابر آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته وفاقي محتسب جو فيصلو معقول ۽ منطقي آهي، شاليمار ڪمپني پنهنجي موقف جي حمايت ۾ ڪجهه به پيش نه ڪري سگهي آهي. صدر چيو ته بدانتظامي ثابت ٿي تنهن ڪري شاليمار رڪارڊنگ اينڊ برا?? ڪاسٽنگ ڪمپني محتسب جي حڪم موجب رهتون ادا ڪري.