ٽوڪيو – 03 –جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير ??لا??ل ڀٽو زرداري چيو آهي ته جاپان سان سيڙپڪاري، واپار، سياحت ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ چاهيون ٿا، نجي شعبو ٻطرفن لاڳاپن ۾ اهم ڪردار ادا ڪر?? سگهي ٿو، جاپان سان لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ چاهيون ٿا، ٻوڏ متاثرين جي مدد تي جاپان جي حڪومت جو ٿورائتو آهيان، پ??ڪس??ان جاپان کي افرادي قوت مهيا ڪر?? سگهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن جاپان جي سرڪاري دوري جي موقعي تي ٽوڪيو ۾ جاپاني هم منصب يو شيماسا حياشي سان ملاقات کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي وزير ??لا??ل ڀٽو زرداري چيو ته جاپان جي دوري دوران ميزباني تي پرڏيهي وزير يو شيماسا حياشي جو دل سان ٿورا مڃان ٿو، هي منهنجو جاپان ۽ خوبصورت شهر ٽوڪيو جو پهريون دورو آهي. هن چيو ته پ??ڪس??ان ۽ جاپان پراڻا دوست آهن، پ??ڪس??اني عوام جاپان ۽ جاپاني عوام جي لا??ِ گرمجوشي ۽ محبت جا گهرا جذبا رکي ٿي، اسان ضرورت جي وقت سدائين هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهيون. جاپان سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏيون ٿا. پرڏيهي وزير چيو ته گذريل سال اسان مسلسل اعليٰ سطحي مٽاسٽا ذريعي لاڳاپن ۾ نئين توانائي ۽ ولولو ڏٺو آهي. منهنجو آسيان علائقائي فورم جي 29 هين وزارتي اجلاس جي موقعي تي 4 آگسٽ 2022ع تي ڪمبوڊيا ۾ جاپاني هم منصب يو شيماسا حياشي سان ملڻ جو اعزاز پڻ حاصل ٿيو. اڄ اسان ملاقات سان پنهنجي ڳالهه ٻولهه کي اڳتي وڌايو آهي. هن چيو ته جاپاني پرڏيهي وزير سان لاڀائتي ڳالهه ٻولهه ٿي ته ڪهڙي طرح ٻئي ملڪ اسان جي گڏيل تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪر?? سگهن ٿا، اسان واپار، سيڙپڪاري، انساني وسيلن جي ترقي ۽ مٽاسٽا، آءِ ٽي، سياحت ۽ زراعت جهڙن شعبن ۾ پنهنجي گڏيل فائديمند ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ گهرو ۽ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي وزير ??لا??ل ڀٽو زرداري چيو ته اسان گڏيل طور تي پ??ڪس??ان ۾ ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ سولرائيزيشن، ڊي سيلينشن ۽ واٽر پيوريفڪيشن ۽ هائوسنگ ۽ انفراسٽرڪچر جي نئين سر تعمير جي شعبن ۾ وڌيڪ اثر رکندڙ ٽارگيٽيڊ پروگرامن تي گڏجي ڪم ڪرڻ جي امڪانن کي ڳولڻ تي به اتفاق ڪيو آهي. ان کانسواءِ ڌريون هنرمند افرادي قوت جي چرپر کي آسان بڻائڻ جي لا??ِ پ??ڪس??ان ۾ جاپاني زبان جي لا??ِ لينگئيج اسڪل اسسمنٽ ٽيسٽ ڪرائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. هن چيو ته اسان جاپان ۾ نوجوان پ??ڪس??اني هنرمند انساني وسيلن جي درآمد ۽ ان جي زبان جي تربيت کي تعاون جو هڪ اهم شعبو قرار ڏنو آهي. ڳالهه ٻولهه ۾ پ??ڪس??ان ۾ جاپاني ادارن جي سيڙپڪاري ۽ گڏيل منصوبن تي به غور ڪيو. ??لا??ل ڀٽو زرداري چيو ته جاپان جي دوري دوران نجي شعبي، مقامي ميڊيا سان گڏوگڏ ٿنڪ ٽينڪس سان به ڳالهه ٻولهه ڪندس. ٻنهي ملڪن کي مثبت ڳالهه ٻولهه کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ ۽ تعاون جون وڌيڪ راهون ڳولڻ جي لا??ِ هر سطح تي مصروف رهڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته جاپان جي دوري دوران نجي شعبي جي ماڻهن سان ملاقات ڪندس. پرڏيهي وزير ??لا??ل ڀٽو زرداري مهمان نوازي تي جاپاني پرڏيهي وزير جا ٿورا مڃيا ۽ ان کي پ??ڪس??ان جي دوري جي دعوت ڏني. پرڏيهي وزير ??لا??ل ڀٽو زرداري پهرين جولاءِ کان 4 جولاءِ تائين جاپان جو چئن ڏينهن جو سرڪاري دورو ڪري رهيو آهي. هن جي جاپاني وزيراعظم سان ملاقات ٿيندي.