اسلام آباد – 05 –جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سي ??يڪ جا 10 سال مڪمل ٿيڻ تي چين ۽ پاڪستان کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته چين ۽ پاڪستان آئرن برادرز آهن، سي ??يڪ ان آزمايل سدا بهار، بااعتماد، اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ جو هڪ نئون باب آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته پاڪستان چين جي قيادت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏي ٿو ته سي ??يڪ کي 10 سال مڪمل ٿي ويا آهن. چين ۽ پاڪستان آئرن برادرز آهن، سي ??يڪ ان آزمايل سدا بهار بااعتماد، اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنرشپ جو هڪ نئون باب آهي. سي ??يڪ چين جي عظيم اڳواڻ شي چن پنگ ۽ قائد محمد نواز شريف جي ترقي سڀني جي لاءِ ويزن جو شاندار نمونو آهي. بيلٽ اينڊ روڊ منصوبو صدر شي چن پنگ جي امن، دوستي، معاشي حصيداري ۽ گڏيل بقاءَ جي سوچ جو مظهر آهي. سي ??يڪ صدر شي چن پنگ جو پاڪستان جي عوام لاءِ تحفو آهي. افسوس آهي ته چار سال سي ??يڪ جي راهه ۾ ??ڪا??ٽ آئي. چين جهڙي عظيم دوست تي بي بنياد الزام هنيا ويا. سي ??يڪ جا دشمن پاڪستان ۽ خطي ۾ ترقي، امن، خوشحالي جا دشمن آهن، اهي نه ٿا چاهين ته اسان جي عوام کي غربت مان ڇوٽڪارو ملي. سي ??يڪ تي ڪم جي رفتار ٻيڻي ڪري رهيا آهيون، اها غربت، بيروزگاري ۽ معاشي بدحالي جي خاتمي جو منصوبو آهي. هن چيو ته ڀارت کي به سي ??يڪ جي رستي ۾ ??ڪا??ٽ بڻجڻ بدران ان جي ثمرن مان فائدو کڻڻ گهرجي. سي ??يڪ سان ايران، افغانستان ۽ وچ ايشيا ۽ سڄي خطي کي ثمر ملندا. اهو صرف روڊ، ريل، سامونڊي ۽ فضائي رستن ۾ بهتري جو هي نه صحت، تعليم، هنرمندي ۽ ترقي جي عمل ۾ حصيداري جو شاندار منصوبو آهي، سي ??يڪ خطي ۽ علائقن کي ئي نه پر عوام جي دل ڳنڍڻ جو به خوبصورت منصوبو آهي، هي گلوبلائيزيشن ۾ اڪنامڪ ريجنلائيزيشن جو گيم چينجر منصوبو آهي، اهو اسان جي خطي ۾ عوام جي زندگي جو معيار بلند ڪر?? ۽ انهن کي غربت مان ڪڍڻ، امن ۾ رهڻ جو سفر آهي. سي ??يڪ پاڪستان ۽ چين جي ٻطرفن لاڳاپن کي فولادي بڻائڻ جو ذريعو ۽ گڏيل حصيداري جي نئين دور جي شروعات آهي. ان ۾ پاڻي جي فراهمي کان وٺي، تعليم ۽ فني تربيت، هنرمندي جا منصوبا شامل آهن. سڄي ملڪ ۾ 9 ??سپيشل اڪنامڪ زونز جي تياري سان ٽيڪنالاجي جي منتقلي ٿيندي، صنعتي حصيداري عمل ۽ مقامي پيداوار ۾ اضافو ٿيندو. اين ڊي ايم اي جي صلاحيت ۾ اضافي ۽ قدرتي آفتن کان بچاءُ جي لاءِ اڳواٽ قدم به سي ??يڪ جو حصو آهن. زراعت جي ترقي لاءِ گڏيل منصوبو به ان ۾ شامل آهي، جنهن سان غذائي تحفظ يقيني ٿيندو.