اسلام آباد-13 جون (اي پي پي)قومي اسيمبليءَ ۾ ايندڙ مالي سال 24-23ع ??ي وفاقي بجيٽ تي ٻئي ڏينهن به بحث جاري رهيو. ان دوران ميمبرن مشڪل معاشي صورتحال ۽ چئلينجن باجود بجٽ کي متوازن قرار ڏنو. سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ پيشن ۾ معمولي اضافو ڪيو ويو آه??، حڪومتي قدمن سان مهانگائيءَ ۾ گهٽتائي جي اميد آه??، مشڪل حالتن کانپوءِ بهتريءَ جي اميد آه??. قومي اسيمبليءَ ۾ ايندڙ مالي سال 24-2023ع ??ي وفاقي بجيٽ تي بحث وٺندي قومي اسيمبلي ۾ پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه چيو ته مهمند، داسو ۽ ڀاشا ڊيمن جي تعمير کي قومي ترجيح بڻايو وڃي ته اسان وٽ ايتري دولت اچي ويندي جو ٻئي طرف نِهارڻ جي ضرورت ئي نه پوندي، اسان پنهنجا وسيلا استعمال ڪرڻا پوندا، زراعت تي ڌيان ڏنو وڃي ته هتي ڪوبه بُکيو نه مرندو، سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ انتهائي سٺو قدم آه??، غريب جي غربت دُور ڪرڻ سان ئي معيشت ۾ بهتري ايندي، دعا آه?? ته ملڪ ۾ چونڊون مقرر وقت تي ٿين، هتي حقيقي جمهوريت هوندي ته ملڪ تي ڪو خطرو نه رهندو. جماعت اسلامي جي پارلياماني ليڊر مولانا عبدالاڪبر چترالي چيو ته جيستائين آئين پاڪستان جي آرٽيڪل 38 ايف مطابق ملڪ کي وياج جي لعنت کان پاڪ نه ڪبو تيستائين ملڪ ترقي نٿو رڪي سگهي، مالاڪنڊ ڊويزن ۽ ضم ٿيل ضلعن ۾ ٽيڪسن جي ڇوٽ جي مدت 2033ع تائين جي توسيع ڪئي وڃي. هن چيو ته نئين مالي سال جي 14 ٽريلين جا وفاقي بجيٽ ۾ 7 ٽريلين وياج جي ادائگيءَ تي ??رچ ٿيندا، عوام کي رليف فراهم ڪيو وڃي. سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ واڌ سٺو سنوڻ آه?? پر اهو ايڊهاڪ الائونس آه??، پينشنرن جي پينشن ۾ 17.5 سيڪڙو اضافو ٿيو آه?? جيڪو گهٽ آه??. ريڊيو پاڪستان جي رٽائرڊ ملازمن جي پينشن جو مسئلو حل ڪيو وڃي ۽ هاڻ پي ٽي وي جي ملازمن کي پينشن جي سهولت ڏني وڃي. متحده مجلس عمل جي مولانا محمد انور بجيٽ تي بحث ڪندي چيو ته گذريل سال ايندڙ ٻوڏ سبب متاثر علائقن جي نئين سر تعمير ۽ بحاليءَ جي منصوبن کي جلد مڪمل ڪيو وڃي. نور الحسن تنوير بحث ۾ حصو وٺندي ڏُکين ۽ نامناسب حالتن ۾ هڪ سٺو بجيٽ پيش ڪرڻ جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته مخالفن کي تنقيد لاءِ ڪوبه جواز ناهي ملي رهيو، جڏهن ته پارليامينٽ ميمبرن جيڪي تجويزون ڏنيون آه?? انهن کي حڪومت نظر ۾ رکندي قدم کڻندي. هن تجويز ڏني ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي ٻارن جي تعليم لاءِ سهولتن ۾ اضافو ڪيو وڃي. مهيش ڪمار چيو ته سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ اضافو هڪ سٺو قدم آه??. هن چيو ته 9 مئي هڪ ڪارو ڏينهن هو، فوجي ٺڪاڻن ۽ شهيدن جي يادگارن کي نقصان پهچايو ??يو?? جنهن جي مذمت ڪريون ٿا. هن چيو ته ٿر ڪول مان پيدا ٿيندڙ 2600 ميگاواٽ بجلي نيشنل گرڊ ۾ وڃي رهي آه??، ٿر جي علائقي ۾ ڪيترائي ڳوٺ اهڙا آه?? جتي اڃا تائين بجلي ناهي، ٿر لاءِ ترقياتي منصوبن لاءِ رقم مختص ڪئي وڃي. شاهده رحماني چيو ته هن ملڪ جي آئين سان مذاق ڪيو ??يو?? اسان جي پارٽي ڊگها جيل ڪاٽيا آه??، پر اسان جو ورڪر پنهنجي پارٽيءَ سان گڏ بيٺل رهيو. جيڪي اڊيالا جيل ۾ 2 ڏينهن ناهن گذاريا انهن کي ٻُڌائيندا هلون ته فريال ٽالپر کي عيد رات گرفتار ڪيو ويو هو جڏهن ته ان استقامت جو مظاهرو ڪيو. هن چيو ته اسان جي حڪومت کي هڪ سال ۾ ڪيترائي ڀيرا احتجاج جو مُنهن ڏسڻو پيو. بدترين ٻوڏ جو مُنهن ڏسڻو پيو، ميڊيا ورڪرن لاءِ ان بجيٽ ۾ هيلٿ انشورنس ڏني وئي آه?? جيڪو سٺو سنوڻ آه??.