اسلام آباد – 03 – آگسٽ (ا?? پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڊيجيٽل يوٿ هب پورٽل جو افتتاح ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ هڪ خصوصي تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ وزيراعظم شهباز شريف، وزيراعظم جي نوجوانن جي معاملن واري خصوصي صلاحڪار شزه فاطمه، سينيٽر ليفٽين??ٽ جنرل (ر) عبدالقيوم، يوٿ پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. ڊيجيٽل پليٽ فارم پاڪستان جي باصلاحيت نوجوانن جي ترقي جي ويزن تحت نوجوانن کي هڪ ئي ڊيجيٽل پليٽ فارم تان تعليم جي عالمي ??عي??ر جون سهولتون، روزگار، ٻين تعميراتي سرگرمين ۽ ماحوليات جي حوالي سان آسان پهچ فراهم ڪندو.