اسلام آباد – 07 – آگسٽ (اي ??ي ??ي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته گوجرانوالا بورڊ ۾ ميٽرڪ جي امتحان ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪندڙ جمشيد علي جهڙا ر??شن ستارا اسان جي قوم جو فخ?? ۽ ??وجوان نسل جي لاءِ رول ماڊل آهن. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته گوجرانوالا بورڊ ۾ ميٽرڪ جي امتحان ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪندڙ هوشيار شاگرد جمشيد علي سان ملي انتهائي خوشي ٿي، ان جي ڪاميابي ۾ جيستائين ان جي پنهنجي محنت ۽ لڳاءُ شامل آهي اتي ان جي والدين ?? استادن جي به ايتري ئي محنت آهي. وزيراعظم چيو ته مون ??مشيد علي جي مثالي ڪارڪردگي تي ان جي حوصلا افزائي جي لاءِ 10 لک رپين جو انعام ڏنو، ماسٽرز تائين تعليم جا خرچ حڪومت پاران برداشت ڪرڻ، ماهوار 30 هزار رپين جي وظيفي سان گڏوگڏ ان کان اهو وچن پڻ ورتو آهي ته هو اڳتي به ائين ئي شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندو، جمشيد علي جهڙا ر??شن ستارا اسان جي قوم جي فخر سان گڏوگڏ نوجوان نسل جي لاءِ رول ماڊل آهن. وزيراعظم ٽوئيٽ سان گڏ جمشيد علي سان پنهنجي ملاقات جون ??صويرون پڻ شيئر ڪيون ??هن.