لنڊن – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ڏهين ڪامن وي??ٿ يوٿ منسٽرز ميٽنگ جي پهرين وزارتي ٽاسڪ فورس جي نون ميمبرن جي اجلاس جي صدارت ڪئي. پرڏيهي آف??س موجب ٽاسڪ فورس پنهنجي ترجيحن ۽ مستقبل جي حڪمت عملي تي اتفاق ڪيو. اجلاس ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته مستقبل ۾ نوجوانن جي معاملن کي ترجيحن ۾ شامل ڪيو ويندو. نمائندن ڏهين ڪامن وي??ٿ يوٿ منسٽرز ميٽنگ کي بهتر طريقي سان هلائڻ تي پاڪستان نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني کي ساراهيو. ان سان گڏ ئي ڏهين ڪامن وي??ٿ يوٿ منسٽرز ميٽنگ پڄاڻي تي پهتي.