اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان کي غزه ۾ جاري تشدد ۽ جاني نقصان تي گهري ڳڻتي آهي، اسان فلسطين جي مظلوم عوام سان يڪجهتي جي ل??ءِ انهن سان گڏ بيٺل آهيون ۽ غزه ۾ فوري جنگ بندي ۽ گهيراءُ ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪريون ٿا. وزيراعظم آفيس پاران جاري ٽوئيٽ موجب نگران وزيراعظم چيو ته اسرائيل جو غزه ۾ شهرين کي ??اڻ?? واڻي نشانو بڻائڻ تهذيب جي سمورن اصولن جي خلاف ۽ عالمي قانونن جي کليل خلاف ورزي آهي. هن چيو ته تشدد جي خاتمي کي فلسطيني سرزمين تي سالن جي ڏاڍ ۽ غيرقانوني قبضي ۽ ان جي عوام جي خلاف جابراڻي پاليسين جي ڏس ۾ ڏسڻ جي ضرورت آهي. گڏيل قومن ۽ عالمي برادري کي گهيريل غزه تائين فوري طور تي گهربل امدادي سامان جي چرپر جي ل??ءِ محفوظ ۽ غيرمحدود انساني لنگهه کولڻ جي ل??ءِ ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان غزه جي تيزي سان خراب ٿيندڙ ??ورتحال تي او آءِ سي ۽ ان جي ميمبر ملڪن سان ويجهي رابطي ۾ آهي. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني 18 آڪٽوبر تي او آءِ سي ??ي ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي هنگامي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو ۽ غزه جي ماڻهن جي تڪليفن کي ختم ڪرڻ جي ل??ءِ فوري قدمن تي زور ڏيندو.