اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ??رامن ۽ سازگار ماحول ۾ صاف، شفاف ۽ غيرجانبداراڻيون چونڊون يقيني بڻائينداسين. اها ڳالهه هن بلوچستان اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر، بلوچستان حڪومت جي اڳوڻي ترجمان ۽ سينيئر سياستدان فرح عظي?? شاهه سان ملاقات دوران ڳالهائيندي چئي. ملاقات ۾ چونڊن سميت بلوچستان جي سياسي صورتحال تي خيالن جي ??ي وٺ ٿي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته ??رامن ۽ سازگار ماحول ۾ صاف، شفاف ۽ غيرجانبداراڻيون چونڊون يقيني بڻائينداسين. هن چيو ته بلوچستان جي ترقي ۽ ڀلائي نگران حڪومت جي ذميواري آهي، بلوچستان جي ترقي کانسواءِ پاڪستان جي ترقي نامڪمل آهي. فرح عظي?? شاهه نگران وزيراعظم انوا??ال??ق ڪاڪڙ جي قيادت ۽ قدمن تي مڪمل يقين جو اظهار ڪيو ۽ نگران حڪومت جي معاشي انتظامي پاليسين کي ساراهيو.