گوانگ زو – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد عاصم کچي ڊيجيٽل دور ۾ ميڊ??ا جي ترقي جي امڪانن کي اجاگر ڪندي رابطي جي موقعن، اسٽريٽجڪ مواد جي تخليق ۽ عا??مي مباحثي مان فائدو کڻڻ تي زور ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته ميڊ??ا جي ترقي جي لاءِ اظهار جي آزادي ۽ ذميواراڻي صحافت جي وچ ۾ توازن قائم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن پنجين عا??مي ميڊيا سمٽ جي ذيلي فورم ۾ ”تبديلين کي قبول ڪرڻ: نئين ٽيڪنيڪي موقعن ۽ چئلينجز بابت ميڊ??ا جو ردعمل“ جي موضوع تي خطاب ڪندي چيو ته ميڊيا پنهنجي ڊيجيٽل موجودگي ۾ توسيع ۽ عا??مي پهچ ۾ اضافي جي ذريعي آن لائين ٻڌندڙن کي وڌائڻ جي لاءِ فائدو کڻي سگهي ٿي. جديد دور جي چئلينجن جو ذڪر ڪندي هن چيو ته موجوده ڊيجيٽل دور ميڊيا کي اسٽريٽجڪ مواد تخليق ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪيا آهن جيڪي مختلف موقف جي عڪاسي ڪن ٿا. هن وڌيڪ چيو ته سوشل ميڊيا پليٽ فارمز ٻڌندڙن سان سڌوسنئون ڳالهه ٻولهه ۽ مشغوليت جا موقعا پڻ فراهم ڪيا آهن. هن چيو ته ميڊيا وسيلن ۽ مهارت کي وڌائي ٻين ادارن سان تعاون مان پڻ فائدو کڻي سگهي ٿي، ان کا??سواءِ آمدني پيدا ڪرڻ جي لاءِ آن لائين پليٽ فارمز بشمول سبسڪرپشنز، اشتهارن ۽ اسپانسر شده مواد جو فائدو کڻي سگهي ٿي. هن چيو ته ميڊيا باخبر عوامي مباحثي ۽ شهري شموليت کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. هن عا??مي شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو ته هڪ طرف ته موجوده ڊيجيٽل دور جي ڪري ميڊ??ا جي وچ ۾ ”بريڪنگ نيوز“ جي ڊوڙ لڳل آهي جڏهن ته ٻئي طرف ٽيڪنيڪي ترقي پهچ ۾ توسيع ۽ ڪيترن ئي ڊيجيٽل پليٽ فارمز پاران مونيٽائيزيشن جي ذريعي آمدني ۾ اضافي جا ڪافي موقعا پيدا ڪيا آهن. عاصم کچي چيو ته جيڪڏهن ان کي روڪيو نه ويو ته جعلي خبرن جو چئلينج ميڊ??ا جي ادارن جي ساک کي نقصان پهچائڻ کا??سواءِ اسٽريٽجڪ سماجي، سياسي ۽ سلامتي جي مسئلن جو سبب بڻجي سگهي ٿو. هن اظهار جي آزادي ۽ ذميواراڻي صحافت جي وچ ۾ توازن قائم ڪرڻ تي زور ڏنو جيڪو ميڊ??ا جي شعبي جي ترقي جي لاءِ تمام ضروري آهي. اي پي پي جي ايم ڊي چيو ته سوشل ميڊيا پليٽ فارمز خبرن جي فوري نشر ۽ اشاعت ۽ ناظرين سان رابطي ڪاري کي فروغ ڏنو ۽ ان سان گڏوگڏ جديد انداز ۾ خبرن ۽ مواد جي تخليق جي لاءِ پڻ گنجائش فراهم ڪئي ۽ اهڙي طرح ميڊ??ا جي وڌيڪ ??تح??ڪ منظرنامي ۾ حصو ورتو جڏهن ته موقعن مان فائدو کڻڻ جي حد مختلف ٿي سگهي ٿي جيڪا ريگيوليٽري ماحول، ٽيڪنيڪي انفراسٽرڪچر ۽ صحافتي اخلاقيات جي پابندي جهڙن عملن کا?? متاثر ٿئي ٿي. هن چيو ته ڊيجيٽل ميڊ??ا جي ترقي جي ڏس ۾ معاشي موزونيت هڪ ٻيو چئلينج آهي جيڪو ڪيترن ئي روايتي ميڊيا ادارن کي درپيش آهي جنهن سان تيزي سان اسرندڙ ٽيڪنالاجيز ۽ پليٽ فارمز موجب منهن ڏئي سگهجي ٿو. اي پي پي جي حوالي سان هن حاضرين کي ٻڌايو ته چيني سميت ڪيترين ئي زبانن ۾ پنهنجي ٽيڪسٽ سروسز کي مضبوط بڻائڻ سان گڏوگڏ نيوز ايجنسي پنهنجي ڊيجيٽيل دائري کي وڌائي سوشل ميڊ??ا جي ذريعي پڙهندرن سان ڳنڍجي ملٽي ميڊيا اسٽوري ٽيلنگ کي اختيار ڪري مختلف نيوز نيٽ ورڪس سان تعاون ڪري ميڊ??ا جي جديد موقعن مان فائدو کڻي رهي آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته پنجين عا??مي ميڊيا سمٽ ميڊ??ا جي شعبي ۾ هڪ ٻئي جي تجربن ۽ مهارت مان سکڻ ۾ مدد ڏيندي ۽ هن ڊيجيٽل دور ۾ ميڊيا کي درپيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ گڏيل بيانيو سامهون آڻيندي.