اسلام آباد-13 ڊسمبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته عربي سکڻ هر مسلمان لاءِ ضروري آهي، پاڪستان ۾ عربي ادب کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”ويهين صدي جي ٻي اڌ ۾ عرب ??اول جا جديد رجحان“ جي موضوع تي علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۾ ٻن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ۾ ڪيو. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ۾ هي ڪانفرنس هڪ منفرد ۽ اهم ترين موضوع تي آهي جنهن کي منعقد ڪرڻ تي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ۽ پوري ٽيم کي مبارڪون ڏيان ٿو. وفاقي وزير چيو ته هي ڪانفرنس وڏي اهميت واري آهي ۽ باقي ڪانفرنسن کان بلڪل منفرد آهي، جديد عربي ناول سان اسان جا ماڻهو اڻواقف آهن. ان موقعي تي خطاب ڪندي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پ??وفيسر ڊاڪٽر ناصر محمود ڪانفرنس ?? شرڪت تي تعليم واري وفاقي وزير جو شڪريو ادا ڪيو. هن چيو ته تعليم وارو وفاقي وزير پ??ڻ هڪ ڄاتل سڃاتل علمي شخصيت آهي، تحقيق ۽ علم جي ميدان ۾ سندس تعارف ڪنهن شيءَ جو محتاج ناهي. وائيس چانسلر چيو ته سڄي دنيا جا اسلامي اسڪالرز ان ڪانفرنس ?? شريڪ آهن جيڪي پنهنجي تحقيقي مقالن ذريعي عرب ??عاشري جي حقيقي تصوير ڪشي ڪندا. ڊاڪٽر ناصر محمود چيو ته عرب جي پنهنجي هڪ تاريخ آهي ۽ ان جي ٻولي تمام وسيع آهي جنهن سبب عرب ??عاشرو پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت سان جڙيل آهي. افتتاحي سيشن کي عالمي يونيورسٽي جي فيڪلٽي آف عربي ٻولي جي سينئر استاد، پروفيسر ڊاڪٽر حبيب الرحمان عاصم، اوپن يونيورسٽي جي فيڪلٽي آف عربي و علوم اسلاميه جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر محي الدين هاشمي، عربي شعبي جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالمجيد بغدادي به خطاب ڪيو. پڄاڻي واري تقريب سڀاڻي 14 ڊسمبر تي منعقد ٿيندي جنهن ۾ ڪانفرنس جون سفارشون پيش ڪيون وينديون. ڪانفرنس جو بندوبست يونيورسٽي جي عربي شعبي (ڪليه عربي و علوم اسلاميه) ڪيو هو. هن ڪانفرنس ۾ عراق، سعودي عرب، مراڪش، مصر، اردن، ٿائيلينڊ، ملائيشيا، عمان، ??لجيريا، نائيجيريا ۽ شام جي 13 اسڪالرن فزيڪلي جڏهن ته 15 انٽرنيشنل اسڪالرز آن لائن شريڪ ٿيا.