اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي اي ايف يو لائيف انشو??نس لميٽيڊ کي هدايت ڪئي آهي ??ه اها هڪ غريب عورت کي منافعي سان گڏ هڪ لک رپيا 30 ڏينهن جي اندر واپس ڪري جنهن کي انشو??نس پاليسي حاصل ڪرڻ جي لاءِ گمراهه ڪيو ويو ه??. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ??ه انشو??نس آرڊيننس 2000ع تحت محتسب کي انشو??نس پاليسي هولڊرز جي مفادن جو تحفظ ڪرڻو آهي. ڪمپني پاران جمع ڪيل رقم ئي واپس نه ڪرڻ آرڊيننس جي روح جي سراسر خلاف ورزي آهي. تفصيل موجب شڪايت ڪندڙ زبيده بيگم ”ڪميٽي“ وجهي هڪ لک رپيا حاصل ڪيا هئا ۽ هُن پنهنجي رقم پنهنجي بئنڪ اڪائونٽ ۾ جمع ڪرائڻ ٿي چاهي، عورت کي غلط طور تي 1 لک ساليانو پريميم جي انشو??نس پاليسي جاري ڪئي وئي. عورت جي رقم واپسي جي مطالبي تي ڪمپني رڳو 40 هزار واپس ڪرڻ جي رضامندي ظاهر ڪئي، ناانصافي تي عورت وفاقي انشو??نس محتسب سان رابطو ڪيو پر شڪايت حل نه ٿي. بعد ۾ عورت محتسب جي فيصلي جي خلاف صدر کي درخواست ڪئي. صدر ذاتي طور تي ڪيس ٻڌڻ ۽ رڪارڊ ڏسڻ کانپوءِ متاثره عورت جي حق ۾ فيصلو ڏنو. صدر پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته عورت گهٽ ۾ گهٽ اصل رقم جي واپسي جي حقدار آهي ۽ اهو ته عورت جي دعويٰ منصفاڻي آهي. صدر چيو ته هڪ غريب عورت کي غلط طور تي پاليسي وڪرو ڪئي وئي، عورت ڪڏهن به پاليسي خريد ڪرڻ جي چونڊ ئي نه ڪئي. صدر اي ايف يو لائيف انشو??نس کي عورت کي رقم واپس ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته عورت کي بئنڪ ۾ دوکبيازي سان انشو??نس پاليسي وڪرو ڪئي وئي، انشو??نس ڪمپني عورت کي هڪ لک رپيا منافعي سان گڏ ادا ڪري. هن چيو ته ڪمپني 2020ع کان عورت جا هڪ لک رپيا رکيا آهن، ڪمپني عورت جي رقم جي سيڙپڪاري ڪري ڪافي منافعو پڻ ڪمايو ه??ندو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته عورت کي ان جي رقم تي حاصل ٿيل منافعي جي حصي کان محروم ڪرڻ ناانصافي هوندي، ڪمپني پاران جمع ڪيل پريميم جي رقم جي واپسي کان انڪار بدانتظامي آهي. صدر چيو ته محتسب ڪمپني کي رڳو 40 هزار رپيا واپس ڪرڻ جي هدايت ڪئي، انشو??نس محتسب ان حقيقت جو ادراڪ نه ڪيو ته ڪمپني کي اڃا 60 هزار رپيا ادا ڪرڻا آهن. هن چيو ??ه انشو??نس آرڊيننس 2000ع تحت محتسب کي انشو??نس پاليسي هولڊرز جي مفادن جو تحفظ ڪرڻو آهي، ڪمپني پاران جمع ڪيل رقم ئي واپس نه ڪرڻ آرڊيننس جي روح جي سراسر خلاف ورزي آهي، انشو??نس محتسب آرڊيننس جي روح تي عملدرآمد ڪرڻ۾ ناڪام رهيو. صدر چيو ته ڪو به شخص ٻين جي ڏڍ تي پاڻ کي غيرمنصفاڻي طور تي امير نٿو ڪري سگهي، عورت کي ان جي رقم تي حاصل ٿيل منافعي جي حصي کان محروم ڪرڻ ناانصافي هوندي. صدر پنهنجي فيصلي ۾ هدايت ڪئي ته زبيده بيگم کي 30 ڏينهن جي اندر منافعي سان گڏ هڪ لک رپيا واپس ڪيا وڃن.