اسلام آباد – 19 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري ??گران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته نيشنل پلان فار فلڊ ٽيلي ميٽري ??روگرام تحت پوري ??لڪ ۾ مختلف ننڍن وڏن دريائن تي 707 ٽيلي ميٽري اسٽيش?? لڳايون وينديون. سينيٽ ۾ سينيٽر محمد همايون مهمند جي پاڻي وسيلن ۽ ٻوڏ جي صورتحال بابت رٿ تي ڳالهائيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري ??گران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته 2010ع جي ٻوڏ کانپوءِ پاڻي وسيلن واري ??زارت نيشنل فلڊ پرويڪشن پلان چار جوڙيو، ٽن سالن جي غور ويچار کانپوءِ ان پلان کي حتمي شڪل ڏني وئي، گڏي?? مفادن واري ڪائونسل 2 مئي 2017ع تي ان کي منظور ڪيو، ماڊل ر??ور ايڪڙ 2016ع ۾ منظور ڪري چئني صوبن، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير کي هدايت ڪئي وئي ته پنهنجي ضرورتن موجب ان کي تبديل ڪري ??اڳو ڪيو وڃي. هن چيو ته پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ان کي لاڳو ڪري ڇڏيو آهي، باقي صوبن ۾ منظوري ??ختلف مرحلن ۾ آهي، نيشنل پلان فار فلڊ ٽيلي ميٽري ??روگرام تحت پوري ??لڪ ۾ مختلف ننڍن وڏن دريائن تي 707 ٽيلي ميٽري اسٽيش?? لڳايون وينديون، ان منصوبي جي لاءِ پي سي ون ٺهي چڪي آهي. نگران وفاقي وزير چيو ته 45 اسٽيشنز جي لاءِ جائيڪا تعاون جي خاطري ڪرائي آهي، پنجاب ۽ سنڌ پنهنجي سمورن بئراجز جي توسيع ۽ جدت تي تيزي سان ڪم جاري رکيو آهي، پنجاب ۾ اهو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ سک?? ۽ ??ڊو بئراج تي ڪم جاري آهي، سنڌ ۾ 27 بلين جو فلڊ ڊيميج ريسٽوريشن پراجيڪٽ مڪمل ٿي چڪو آهي، 2018ع ۾ واٽر پاليسي جي سي سي آئي منظوري ڏني، فلڊ ڪميشن ان پاليسي جو فريم ورڪ ٺاهي منسٽري آف واٽر ريسورسز کي ڏئي ڇڏيو آهي، ان تي تيزي سان ڪم ٿي رهيو آهي. هن چيو ته 2022ع جي ٻوڏ جي حوالي سان موسميات کاتي جي اڳڪٿي هئي ته جون 2022ع ۾ گذريل سالن جي ڀيٽ ۾ 40 سيڪڙو وڌيڪ برسات ٿيندي، اهي سڀ اندازا غلط ثابت ٿيا، پوري ??لڪ ۾ 175 سيڪڙو وڌيڪ برسات ٿي، پنجاب ۾ سراسري طور 70 سيڪڙو وڌيڪ، سنڌ ۾ سراسري طور 425 سيڪڙو وڌيڪ، بلوچستان ۾ ساڍا چار سئو سيڪڙو ۽ گلگت بلتستان ۾ 107 سيڪڙو وڌيڪ برسات ٿي. هن چيو ته ٻوڏ دريائن ۾ وڌيڪ پاڻي جي وهڪري جي ڪري ??ه آئي، ٻوڏ برساتن جي ڪري ايندي آهي، ان جي گهرائي گهٽ ۽ ڦهلاءُ وڌيڪ هوندو آهي، انهي ڦهلاءُ جي ڪري ??ڌيڪ تباهي ٿي، انهي ڏس ۾ وزيراعظم آگسٽ 2022ع ۾ نيشنل فلڊ پروٽيڪشن پلان چار کي اپ ڊيٽ ڪرڻ جو چيو، ايشيائي ترقياتي بئنڪ به حامي ڀري ۽ فني تعاون فراهم ڪيو، صوبن جي تعاون سان اپ ڊيٽڊ پلان تيار ٿي ويو آهي ۽ منظوري جي مرحلن ۾ آهي، فلڊ پروٽيڪشن سيڪٽر پراجيڪٽ ٿري جي پي سي ون منظور ٿي وئي آهي، اقتصادي معاملن واري ??زارت ان ڏس ۾ عالمي ڊونرز کان فنڊز جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. ان کان اڳ پاڪستان ۾ پاڻي وسيلن ۽ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سبب پيدا ٿيندڙ مسئلن تي رٿ تي بحث ۾ حصو وٺندي سينيٽر ڊاڪٽر همايون مهمند چيو ته پاڪستان کي مستقبل ۾ موسمياتي تبديلين جي ڪري ??وڏ ۽ پاڻي جي کوٽ درپيش رهندي، مستقبل ۾ ان چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ٺوس حڪمت عملي جوڙڻي پوندي. سينيٽر ثناء جمالي چيو ته پاڻي جي منصفاڻي ورڇ يقيني بڻائڻ گهرجي. سينيٽر فوزيه ارشد چيو ته عوام ۾ پاڻي جي استعمال بابت آگاهي پيدا ڪرڻ گهرجي. سينيٽر رخسانه زبيري چيو ته پاڻي ضايع ٿي رهيو آهي، پاڪستان کي پاڻي جي کوٽ درپيش آهي، ان تي ڌيان ڏيڻو پوندو. سينيٽر مولوي فيض محمد ۽ سينيٽر ثانيه نشتر پڻ بحث ۾ حصو ورتو.