اسلام آباد-29 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ اسپيڪر لاءِ نامزد اميدوار سردار اياز صادق چيو آهي ته ايم ڪيو ايم پاڪس??ان وزيراعظم، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي عهدن لاءِ ووٽ ڏيڻ جي خاطري ڪر??ئي آهي. حڪومتي اتحادي پارٽين جي وفد اتحادي پارٽ?? ايم ڪيو ايم پاڪس??ان جي وفد سان ملاقات ڪئي. وفد ۾ سردار اياز صادق، عليم خان، صادق سنجراڻي، يوس?? رضا گيلاني، خورشيد شاهه ۽ خالد مگسي شامل هئا. ملاقات کانپوءِ سردار اياز صادق چيو ته حڪومتي اتحادين ايم ڪيو ايم پاڪس??ان جي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي، ايم ڪيو ايم پاڪس??ان وزيراعظم، اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي عهدن لاءِ ووٽ ڏيڻ جي خاطري ڪر??ئي آهي ۽ اڳتي سڀني کي گڏجي هلڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي، صدر ۽ سينيٽ چيئرمين جي ووٽ لاءِ به ايم ڪيو ايم وٽ وينداسين، مسلم ليگ (ن) ج?? ايم ڪيو ايم جي مقامي آئيني ترميم بابت مطالبي کي تسليم ڪيو ويو آهي، ايم ڪيو ايم جي مطالبي تي پيپلزپارٽي ۽ ٻين اتحادي دوستن سان ويهي لائحه عمل ٺاهينداسين. هن چيو ته ماڻهن جي بهتري لاءِ سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي جو پليٽ فارم استعمال ڪنداسين، خالد مقبول صديقي چيو ته جمهوريت هڪ تسلسل سان اڳتي وڌي رهي آهي، جمهوريت جا ثمر عوام تائين پهچائڻ گهرجن جنهن لاءِ پاڪس??ان جي آئين جي مدد وٺن جي ڪوشش ڪئي آهي، پاڪس??ان جي آئين موجب عوام جي حقن لاءِ جڳهه ۽ گنجائش هجڻ گهرجي، پاڪس??ان مسلم ليگ (ن) اسان جي ان ڳالهه سان اتفاق ڪيو آهي ته اسان جمهوريت کي ڊي ريل ٿيڻ نٿا چاهيون، جڏهن ته عوام جي شرڪت پاڪس??ان جي جمهوريت ۾ نه هوندي ته جمهوريت مضبوط نه ٿيندي، اسان واعدو ڪيو آهي ته انشاءُ الله ووٽ ڏينداسين.