گڏيل قومون-05 مارچ (اي پي پي) پاڪست??ن اسلامي ملڪ?? جي نمائندگي ڪندي فلسطي?? جي صورتحال تي بين الاقوامي امن ڪانفرنس گُهرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي، ج??هن جو مقصد ٻه رياستي حل جي دائره ڪار ۾ فلسطيني?? جي اڻمٽ حقِ خوداراديت جي بحالي بابت گڏيل قوم?? جي قرار??اد?? تي عملدرآمد ڪرائڻ آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستا?? جي مستقل نمائندي منير اڪرم غزه ۾ انساني همدرديءَ جي بنياد تي فوري جنگبنديءَ جي مطالبي تي ٻَڌل سلامتي ڪائونسل جي 20 فيبروريءَ جي قرارداد تي آمريڪي ويٽو کانپوءِ گڏيل قوم?? جي جنرل اسيمبليءَ جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته عالمي برادريءَ کي غزه تي اسرائيلي اڳرائيءَ کي فوري روڪڻ لاءِ پنهنجي ذميواري نڀائڻ گهرجي. پاڪستاني نمائندي آمريڪا طرفان قرارداد کي ويٽو ڪرڻ تي افسوس ۽ غزه خلاف اسرائيلي اڳرائيءَ جي خاتمي ۾ عالمي برادريءَ جي ناڪاميءَ تي مايوسيءَ جو اظهار ڪيو، ج??هن ۾ 30 هزار کان وڌيڪ فلسطيني شهيد ٿي چڪا آهن، جن ۾ گهڻو انگ عورتن ۽ ٻارن جو آهي. منير اڪرم گڏيل قومن ۾ او آءِ سي گروپ جي وقتي چيئرمي?? جي حيثيت سان 193 رڪني جنرل اسيمبليءَ کي خطاب ڪندي چيو ته گذريل 5 مهينن دوران غزه ۽ فلسطي?? جي ٻين هنڌن تي اسرائيلي اڳرائيءَ کانپوءِ سڄي دنيا ۾ وڌندڙ مايوسي ۽ ڪاوڙ سان غزه ۾ فلسطيني عوام تي مڙهيل تاريخي ۽ نه ختم ٿيندڙ ظلمن کي ڏسي رهي آهي. غزه ۾ اسرائيلي حملن سبب وڏي پيماني تي انگ ۾ انساني جانيون ضايع ٿيون آهن ۽ گهرن، اسڪولن، اسپتالن ۽ مذهبي ماڳن کي تباهه ڪيو ويو. هن غزه ۾ ناڪافي خوراڪ جي فراهمي ۽ ضروري خدمتن سبب غزه ۾ وڏي انگ تي غذائي کوٽ جي وڌندڙ خطري کان خبردار ڪندي غزه ۾ انساني امداد جي فراهميءَ لاءِ جنگبندي جو مطالبو ڪيو آهي. هن فلسطيني پناهگيرن لاءِ گڏيل قوم?? جي اداري يو اين اي آر ڊبليو اي کي ختم ڪرڻ ۽ عطيو ڏيندڙن طرف??ن اداري جي فنڊنگ روڪڻ جي اسرائيلي مطالبي جي رپورٽ جو حوالو ڏيندي چيو ته گڏيل قومن اندر مختلف ڌُرين سان گڏوگڏ عالمي برادريءَ جي ميمبرن طرف??ن اڳواٽ ڪوششن باوجود اڳتي به وڏن خطرن جا اشارا موجود آهن. ان سلسلي ۾ هن چيو ته غزه ۾ وڏي پيماني تي ڏُڪار جو خطرو آهي، ج??هن سان والاريل فلسطيني علائقي ۾ فلسطيني?? جي تمام وڏي انگ لاءِ خوراڪ جي ناڪافي فراهمي ۽ ضروري خدمتون آهن. منير اڪرم چيو ته دنيا کي فلسطيني عوام جي حق خوداراديت واري حق جي حاصلات ۽ گڏيل قوم?? جي لاڳاپيل قرار??اد?? ۽ عرب امن قدمن مطابق 1967ع جي سرحدن تي ٻَڌل ا?? جي سرزمين تي پنهنجي آزاد ۽ خودمختار رياست قائم ڪرڻ جي حمايت ڪرڻ گهرجي، ج??هن جي ??اد??ءَ جو هنڌ بيت المقدس هجي.