برسلز – 22 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي ??زير محمد اسحاق ڊار پهرين نيوڪليئر انرجي سمٽ ۾ شرڪت جي لاءِ بيلجيئم جي گادي واري شهر برسلز جو دورو ڪيو، پرڏيهي ??زير سربراهه اجلاس کي خطاب ڪندي ائٽمي ٽيڪنالاجي جي پرامن استعمال خاص طور تي بجلي جي پيداوار ۾ پاڪستان جي ڪاميابين جو ذڪر ڪيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب هن موسمياتي تبديلي جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ائٽمي توانائي جي اهميت تي زور ڏنو. پرڏيهي ??زير چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين ۽ موسمياتي آفتن کان شديد متاثر ٿيندڙ ملڪ طور گهٽ ??ار??ن توانائي جي ذريعن سان گڏ توانائي کي مناسب بڻائڻ جو خواهشمند آهي. هن اسرندڙ ملڪن جي توانائي جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ فني مدد ۽ گهڻ رخي مالياتي ادارن پاران مالي امداد جي فراهمي سميت عالمي تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو. هن سويلين نيوڪليئر ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ پنهنجي تجربي ۽ مهارت کي ٻين ملڪن خاص طور تي اسرندڙ ملڪن سان شيئر ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. بيان موجب پرڏيهي ??زير آءِ اي اي اي جي ڊئريڪٽر جن??ل رافيل ماريانو گروسي سان ملاقات ۾ ائٽمي ٽيڪنالاجي جي پرامن استعمال کي وڌائڻ ۾ آءِ اي اي اي جي ڪردار کي ساراهيو. هن انرجي مڪس ۾ ائٽمي توانائي جي حصي کي وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ ايجنسي جي فني تعاون جي اهميت تي زور ڏنو جنهن ۾ پاڪستان به اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. پرڏيهي ??زير ان ڳالهه تي زور ڏنو ته عالمي مالياتي ادارن ۽ بئنڪن کي گهرجي ته اهي اسرندڙ ملڪن ۾ ائٽمي توانائي جي منصوبن جي حمايت ڪن ته جيئن اهي ??نهنجي توانائي جي ضرورتن کي پورو ۽ زيرو اخراج جي هدفن کي حاصل ڪري سگهن. پرڏيهي ??زير محمد اسحاق ڊار برسلز جي دوري دوران چين جي نائب وزيراعظم زانگ ??وچ??گ، آذربائيجان جي پرڏيهي ??زير جيهون بيراموف، ترڪيه جي پرڏيهي ??زير هاڪان فيدان ۽ گڏيل عرب امارات جي توانائي ۽ انفراسٽرڪچر واري وزير الماز روئل سهيل سان پڻ ٻطرفيون ملاقاتون ڪيون. انهن ملاقاتن ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌائڻ ۽ تعاون جون نيون راهون ڳولڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. بيلجيئم جي وزيراعظم ۽ ڊائريڪٽر جن??ل عالمي ائٽمي توانائي ايجنسي جي گڏيل ميزباني ۾ سربراهه اجلاس ائٽمي توانائي ۾ تعاون جي ڳولا، فوسل فيوئل جي استعمال کي گهٽ ڪرڻ ۽ اقتصادي ترقي کي فروغ ڏيڻ ۾ عالمي اڳواڻن کي شامل ڪرڻ جي لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم فراهم ڪيو. هي ائٽمي سائنس، ايپلي ڪيشنز ۽ پاور تي عالمي ائٽمي توانائي ايجنسي (آءِ اي اي اي) سان پاڪستان جي مصروفيت کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو پڻ هڪ اهم موقعو هو.