اسلام آباد– 02 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان شام جي شهر دمشق ۾ ايراني سفارتخاني جي قونصلر سيڪشن تي حملي جي سخت مذمت ڪندي متاثرين جي گهرڀاتين، عوام ۽ اير??ن جي حڪومت سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو ??هي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پار??ن جاري بيان ۾ چيو ويو ??هي ته اهو حملو شام جي خودمختياري جي ناقابل قبول خلاف ورزي آهي ۽ ??ن جي استحڪام ۽ سلامتي کي نقصان پهچائي ٿو. بيان موجب اها ??المي قانونن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي خلاف ورزي آهي، 1961ع جي سفارتي لاڳاپن جي ويانا ڪنوينشن تحت سفارتڪارن يا سفارتي سهولتن جي خلاف حملا به غيرقانوني آهن. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ??هي ته اسرائيلي فوج جو غيرذميواراڻو قدم اڳ ۾ ئي عدم استحڪام جي شڪار خطي ۾ هڪ وڏو اضافو آهي. ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ??ه اسان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪ??يون ٿا ته اها ??سرائيل کي خطي ۾ ??ن جي مهم جوئي ۽ پاڙيسري ملڪن تي حملو ڪ??ڻ ۽ غيرملڪي سفارتي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائڻ جي غيرقانوني ڪاررواين کان روڪي.