ڪراچي – 23 – مئي (اي پي پي) وقتي صدر ۽ سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني ڪراچي جو سرڪاري دورو مڪمل ڪري پي آءِ اي جي ڪمرشل فلائيٽ وسيلي ملتان جي لاءِ روانو ٿي ويو. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ڪراچي جي سرڪاري دوري دوران مزار قائد تي حاضري ڀري ۽ فات??ه خواني ڪئي. وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني ڪراچي جي سرڪاري دوري دوران محترمه فاطمه جناح، قائد ملت ??ياقت علي خان ۽ نور امين جي مزارن تي پڻ فات??ه خواني ڪئي. ڪراچي جي سرڪاري دوري دوران وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان پڻ ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳوا??ن ملڪ جي مجموعي صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ پڻ ڪئي.