بيجنگ – 05 – جون (اي پي پي) وز??را??ظم محمد شهباز شريف چين جي سرڪاري دوري جي ٻئي مرحلي ۾ چيني گادي واري شهر بيجنگ پهچي ويو. بيجنگ ڪيپيٽل انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي چين جي نا??ب پرڏيهي وزير سن ويڊونگ ۽ بيجنگ ۾ پاڪستاني سفارتخاني جي عملدارن وز??را??ظم جو استقبال ڪيو. نائب وز??را??ظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ ٻيا وفاقي وزير به وز??را??ظم سان گڏ آهن. بيجنگ ۾ پنهنجي قيام دوران وز??را??ظم چ??ني صدر، وز??را??ظم ۽ نيشنل پيپلز ڪانگريس اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سان جدا جدا ملاقات ڪندو. چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي حوالي سان ڪيترين ئي مفاهمت جي يادداشتن تي پڻ صحيحون ٿينديون. وز??را??ظم جون چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي منصوبن ۾ ڪم ڪندڙ ڪمپنين جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسرن سان ملاقاتون پڻ ٿينديون.