اسلام آباد– 10 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اس??ن جي بهادر سيڪيورٽي آفيسرن، اهلڪارن ۽ شهرين جون قربانيون اس??ن تي قرض آهن، جنهن کي اس??ن کي دهشتگردي جي مڪمل خاتمو ڪري ادا ڪرڻو آهي. ايڪس (اڳوڻي ٽوئيٽر) تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته ضلعي لڪي مروت ۾ دهشتگردي جي حملي ۾ ڪيپٽن سميت پاڪ فوج جي جوانن جي شهادت تي تمام گهڻو ڏک ٿيو آهي. هن چيو ته اس??ن جي بهادر سيڪيورٽي آفيسرن ۽ اهلڪارن ۽ شهرين جون قربانيون اس??ن تي هڪ قرض آهي جنهن کي اس??ن کي ملڪ مان دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ڪري ادا ڪرڻو آهي. وزيراعظم سوڳوار خاندانن سان دلي تعزيت ڪئي آهي.