اسلام آباد– 13 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري انشورنس ڪمپنين جي بدانتظامي جي خلاف ??تا??ر انشورنس پاليسي هولڊرز کي فوري ۽ مفت انصاف فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته انشورنس محتسب پنهنجي پهچ وڌائي ۽ شڪايتن جو فوري حل يقيني بڻائي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ص??ر اهڙن ??يالن جو اظهار وفاقي انشورنس محتسب م??تا?? علي شاهه سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چي?? ته انشورنس ڪيسز ۾ وڌ کان وڌ شهرين کي مالياتي ريليف فراهم ڪرڻو پوندو. هن چي?? ته انشورنس ڪليمز جي حل ۾ ??تا??ر پاليسي هولڊرز کي انصاف جي فراهمي ۾ انشورنس محتسب جي ??ردار بابت آگاهي جي ضرورت آهي، هن چي?? ته انشورنس محتسب شڪايتن جي ازالي جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي ۽ آءِ سي ٽي ٽولز جو استعمال ڪري. ان کان اڳ ص??ر ايوان صدر ۾ منعقد حلف برداري واري تقريب ۾ م??تا?? علي شاهه کان وفاقي انشورنس محتسب جي عهدي جو حلف ورتو.