اسلام آباد -08 جولاءِ (اي پي پي) گهرو معاملن بابت وفاقي وزير محسن ن??وي پروٽيڪٽيڊ صا??فين کي رليف ڏيڻ لاءِ سڀني ڊسڪوز جي ڊيٽا طلب ڪئي آهي. گذريل ڏينهن وفاقي گهرو وزير محسن ن??وي جي صدارت هيٺ گهرو وزارت ۾ اجلاس منعقد ٿيو. محسن ن??وي پروٽ??ڪٽ?? صا??فين کي نان پروٽ??ڪٽ?? ڪيٽگري ۾ شامل ڪرڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ايف ??ءِ اي جي سمورن ڊا??ريڪٽرز کي ڊسڪوز جي ڊيٽا کي چيڪ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن 3 ڏينهن ۾ ايف ??ءِ اي ڊا??ريڪٽرز کي سموريون شاهديون گڏ ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏئي ڇڏيو. گهرو وزير چيو ته سڀني شاهدين جي جامع رپورٽ وزيراعظم کي پيش ڪئي ويندي، پروٽيڪٽيڊ صا??فين سان ناانصافي جو ازالو ڪرڻ ضروري آهي. محسن قوي ايڊيشنل ڊي جي ايف ??ءِ اي نارٿ کي پشاور، لاهور، گوجرانوالا ۽ فيصل آباد پاڻ وڃي صورتحال جو جائزو وٺڻ ۽ ڊيٽا جمع ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته شاهدين جو جائزو وٺي ذميدارن جو تعين ڪيو وڃي. اجلاس ۾ اوور بلنگ جي معاملي جو جائزو ورتو ويو. ايف ??ءِ اي اختيارين اوور بلنگ تي بريفنگ ڏني. گهرو وفاقي سيڪريٽري، ايڊيشنل ڊي جي ايف ??ءِ اي هيڊ ڪوارٽر، ايڊيشنل گهرو سيڪريٽري، ايڊيشنل ڊي جي ايف ??ءِ اي نارٿ ۽ لاڳاپيل اختيارن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ايف ??ءِ اي جا سمورا ڊا??ريڪٽرز ويڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا.