ڪراچي-11 جول??ءِ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ڪالهه سي ٽي ڊي جي شهيد ڊي ايس پي علي رضا کي خراج عق??دت پيش ڪرڻ ل??ءِ ڪريم آباد پهچي ويو. گهرو وزير محسن نقوي شهيد ڊي ايس پي جي رهائشگاهه تي سوڳوار خاندان سان ملاقات ڪئي. وارثن کي دلاسو ڏنو ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. گهرو وزير محسن نقوي شهيد ڊي ايس پي علي رضا ل??ءِ هلال شجاعت ۽ قائد اعظم پ??لي?? ميڊل ڏيڻ جو اعلان ڪيو. هن جو چوڻ هو ته ڊي ايس پي علي رضا انتهائي بهادر پ??لي?? آفيسر هو. قوم کي اهڙن جرئتمند پ??لي?? آفيسرن تي ناز آهي. شهيد ايس ايس پي چوڌري اسلم کانپوءِ شهيد ڊي ايس پي علي رضا ڪراچي ۾ دهشتگردن جي چيلهه ٽوڙي ڇڏي هئي. هن چيو ته اسان جو ايمان آهي ته شهيد زنده هوندا آهن ۽ شهيد ڊي ايس پي علي رضا ??مي??ه اسان جي دلين ۾ زنده رهندو. ايڊيشنل آءِ جي پ??لي?? يعقوب ناصر، ڊي آءِ جي سي ٽي ڊي آصف اعجاز شيخ، ايس ايس پي سينٽرل ۽ سي ٽي ڊي جا آفيسر به ان موقعي تي موجود هئا.