اسلام آباد – 23 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهب??ز شريف پاڪستان ۽ ترڪمانستان ج?? وچ ۾ واپاري، اقتصادي، سيڙپڪاري ۽ ثقافتي لاڳاپا وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ترڪمانستان ج?? ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهب??ز شريف سان ترڪمانستان ج?? ڪابينا جي ڊپٽي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير راشد ميريدوف وزيراعظم هائوس ۾ ملاقات ڪئي. وزيراعظم ترڪمانستان ج?? عظيم اڳواڻ قربان گلي بردي محمدوف سان هن مهيني جي شروع ۾ آستانه ۾ ٿيندڙ ملاقات جو ذڪر ڪندي چيو ته هو سندس پاڪستان ۾ استقبال ڪرڻ جو منتظر آهي. وزيراعظم ٻنهي پرڏيهي وزيرن ج?? قيادت ۾ پاڪستان ۽ ترڪمانستان ج?? وچ ۾ ٻطرفي سياسي ??شاورت جي ٽئين دور جي انعقاد تي اطمينان ج?? اظهار ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن ج?? ادارن ج?? ان عمل ۾ باقاعده شموليت جي اهميت تي زور ڏنو. هن پاڪستان ۽ ترڪمانستان ج?? وچ ۾ واپاري، اقتصادي، سيڙپڪاري ۽ ثقافتي لاڳاپن کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ترڪمان ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. وزيراعظم غيرملڪي سيڙپڪارن کي ??خت??ف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ سهولت فراهم ڪرڻ ۾ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي خصوصي ڪردار تي روشني وڌي. هن علائقائي تعاون ۽ رابطي جي اهميت کي پڻ اجاگر ڪيو ۽ تاپي گئس پائيپ لائين ۽ ٻين منصوبن ج?? جلد تڪميل جي لاءِ پاڪستان ج?? پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو.