اسلام آباد -07 آگسٽ (اي پي پي) رٿابندي، ترقي سڌ??رن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي، ته ملڪي ترقي لاءِ ڊجيٽل معيشت اڻٽر آهي جڏهن ته مسئلن جي حل ۽ شفافيت لاءِ ٽيڪنالاجي مان فائدو حاصل ڪرڻ ضروري آهي. شفافيت بهتر طرز حڪمراني ۽ معاشي ترقي لاءِ ڊجيٽل ٽيڪنالاجي کي هٿي وٺرائڻي پوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل ڊجيٽل سمٽ کي خطاب دوران ڪيو. هن چيو ته ملڪي ترقي لاءِ ڊجيٽل معيشت اڻٽر، مسئلن جو حل ۽ شفافيت لاءِ ٽيڪنالاجي مان فائدو حاصل ڪرڻ ضروري آهي، احسن اقبال چيو ته جديد بنيادي ڍانچي، انساني وسيلن جي ترقي ۽ ڊجيٽل خواندگي کي هٿي وٺرائڻ ??اءِ پاڪستان کي ڊجيٽل ٽيڪنالاجي اپنائڻي پوندي. تعليمي اد??رن ۽ ٽيڪنالاجي جي صنعت وچ ۾ سهڪار کي هٿي وٺائڻ ??قت جي اهم ضرورت آهي، حڪومت نوجوانن ۾ پيشيوراڻي ۽ ڊجيٽل مهارتن کي هٿي وٺائڻ ??اءِ قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته شهرين، ڪاروباري ۽ سرڪاري اد??رن جي تحفظ لاءِ حڪومت سائبر سيڪيورٽي جي شعبي کي مضبو?? ڪري رهي آهي، ٻهراڙي جي علائقن ۾ ڊجيٽلائيزيشن کي هٿي وٺائڻ ۽ سستي انٽرنيٽ جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ ??اءِ به قدم کنيا پيا وڃن. هن چيو ته ٽيڪنالاجي کي هٿي وٺائڻ ??اءِ حڪومت ۽ خانگي شعبي کي سيڙپڪاري، اسٽارٽ اپس ۽ ايس ايم ايز جي همت افزائي ۽ نوجوانن جي 65 سيڪڙو آبادي کي جديد هنر سان آراسته ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن ماهرن کي دعوت ڏني ته هو جدت تي ٻڌل آئيڊياز پيش ڪن.